Thursday , April 25 2024

پنهنجي ”محبوب پارٽي“ جي بيوفائيءَ جا ماريل ماڻهو – سهيل ميمڻ

suhail

لڳ ڀڳ پنجاهه سال سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي سان نڀايو آهي. ان نڀاءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو سحر پنهنجي جاءِ تي، پر ماضي ۾ روزگار وغيره جي حوالي سان به پيپلز پارٽي سنڌين کي ڪجهه نه ڪجهه ڊليور ڪندي هئي. مان هڪ ڀيري پيپلز پارٽي جي پراڻي دور ۾ هڪ دوست سان صوبائي وزير نادر مگسي جي آفيس ويو هيس. تمام وڏو ڪمرو ماڻهن سان سٿيل هو، هر طرف ماڻهو هئا ۽ سندن هٿن ۾ درخواستون، رش ايتري، جو پير رکڻ جي به جاءِ نه هئي. مون سمجهيو ته وزير صاحب اڃان نه آيو آهي، ايندو ته پوءِ ته وڏي پيهه ٿيندي پر اهو ڏسي حيران ٿيس ته مگسي صاحب ماڻهن جي انبوهه وچ ۾ ويٺو سندن ڪم ڪري رهيو هو، ڪنهن لاءِ فون، ڪنهن لاءِ خط، ڪا چٺي ته ڪنهن جي درخواست تي نوٽ، بس سندس ڪرسي واري جاءِ ئي بچيل هئي، نه ته سندس ٽيبل تي به ماڻهو هئا. مان سندس پرفارمنس ڏسي ايترو متاثر ٿيو هيس، جو اهو منظر اڄ تائين ياد آهي. ٻيو اهڙو ئي منظر مون نيشنل اسٽيڊيم ڀرسان تعليم واري ان وقت وزير خورشيد شاهه جو ڏٺو. ماڻهن جا ڪٽڪ هئا، ڌڙا ڌڙ ڪم ٿي رهيا هئا. ماڻهو شاهه صاحب جي ٻانهن ته پري، ڪالر کان وٺي به هُجت ڪري رهيا هئا. مجال آهي، جو شاهه صاحب جي نرڙ تي ڪو گُهنج به پيو هجي، پر اهي ماضيءَ جا قصا آهن، هاڻي ائين ناهي. دوست ٻڌائيندا آهن ته ان دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جا سڀ وزير ماڻهن جا ڪم ائين ئي ڪندا هئا. هر وزير جي آفيس ڀريل هوندي هئي- پر اهي ماضيءَ جا قصا آهن. جيتوڻيڪ ان وقت جي حڪومت به ڪمزور، بجيٽ به پوري ساري، اقتدار به اڄ وڃي الائي سڀاڻي وڃي واري ڪيفيت ۾ هوندو هو. ذاتي پيسو به گهٽ هوندو هين، پر پو به ماڻهن جا ڪم ڪندا هئا. ميونسپل جو نظام هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ قائم هو. سنڌ جا وزير اعليٰ گهڻو با اختيار نه سهي، پر پو به وزير اعليٰ هئا.

هاڻي گذريل ڏهن سالن کان پيپلز پارٽي سنڌ تي بنا ڪنهن تڪليف جي حڪومت ۾ آهي، حڪومت وٽ بي انتها بجيٽ آهي، ذاتي طور پيپلز پارٽي وارا ننڍا وڏا سڀ آسوده به ايترو ٿي ويا آهن، جو سندن ست پيڙهيوڻ ويهي کائن ته به نه کٽُندا، پو به سنڌ کنڊرات بڻجي وئي آهي، مبينا طور لٽ مار به جاري آهي. انهن ڏهن سالن مان پهريان پنج سال سنڌ حڪومت جو وزير اعليٰ قائم علي شاهه هو. رئيس وڏي ۽ اديءَ جو حڪم ته هيو ئي هيو، پر سنڌ عملي طرح رحمان ملڪ پئي هلائي. رحمان ملڪ ائين اچي فيصلا ڪندو هو، ڄڻ سنڌ جو وائيسراءِ هجي. سنڌ جا صوبائي وزير اهڙي صورتحال ۾ وڏي وزير جي ڇو ٻڌن ها، جڏهن سندن ڏيڻ وٺڻ سڌو ”وڏن“ سان هو، ان ڪري کين مٿان کان ئي سڀ ڪجهه ڪرڻ جو ”گرين سگنل“مليل رهيو. ان دوران سنڌ لٽبي رهي ۽ ڪنگلا ڪروڙ، بلڪه ارب پتي ٿي ويا. پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت جا چار سال سندن پوين پنجن سالن جي حڪمراني کان به خراب گذريا آهن. ڪرپشن گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌي آهي. وزير اعليٰ قائم علي شاهه کي هٽايو ويو، ان اعلان سان ته حڪومت جي ڪارڪردگي ڀلي ٿيندي- پر نئون وڏو وزير مراد علي شاهه جيڪڏهن چاهي به ته اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن ٿو ڊليور ڪري سگهي، جڏهن سندس مٿان ويٺل حڪمران خاندان ۾ ”رئيس“ ۽ ”ادي“ کان علاوه هاڻي بلاول صاحب جو به اضافو ٿيل آهي. ان کان هيٺ اها تبديلي آئي آهي ته رحمان ملڪ جي جاءِ تي سنڌ هلائڻ جو ڪم انور مجيد حوالي آهي، ۽ ٻئي پاسي هر صوبائي وزير پاڻ بادشاهه بڻيل ۽ صرف ”مٿي“ جوابده آهي. ڪهڙو کاتو، ڪنهن کي ڏبو واري حڪم کان وٺي ڪارڪردگي جي پڇاڻي تائين، وڏو وزير بيوس آهي. مراد علي  شاهه صاحب جي بيوسي مون ميڊيا تي ان ڏينهن به ڏٺي، جنهن ڏينهن امداد پتافي جا مبينا طور غير قانوني ٽال پلازا پي ڊهرايائين. پيپلز پارٽي سنڌ جي هڪ سياسي پارٽي هئي، جنهن جو عوام سان ناتو هو، پر هاڻي اها هڪ ”وڏيرا ڪمپني“ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. مون کي پارٽي جي هڪ سينئر اڳواڻ ٻڌايو ته، ”اسان به وزير رهيا آهيون، ٺاهيو اسان به جام، پر ڪجهه ڪم به ڪراياسين، اڄ جا هي ”ڇوڪرڙا“ وزير اهڙا سامايا آهن، جو ڌڪ ئي چار ڪيا اٿن. جيڪو اسان چاليهه سالن ۾ ڪمايو هي سال اڌ ۾ ئي ڪمائي ويا آهن.“ جنهن پارٽيءَ جا عهديدار ڊاڪٽر عاصم جهڙا ماڻهو هجن، جن سان سندس پيٽروليم وزارت مهل پيپلز پارٽي جا وڏا وڏا ليڊر به نه ملي سگهندا هئا، ان پارٽيءَ جو وهنوار ائين ئي هلندو، جيئن اڄ واري پيپلز پارٽيءَ جو هلي ٿو. ڀلي پارٽيءَ جا ماڻهو ان خوشفهميءَ ۾ هجن ته سنڌ کانئن هٿن مان نه ويندي يا هو هميشه سنڌ تي حڪمران هوندا، پر زميني حقيقتون تبديل آهن. پوليس، پئسي، نگران حڪومت ۽ ٽل سل سان حڪومت ته حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر پارٽي جو روح ۽ جوهر حاصل نٿو ڪري سگهجي. پيپلز پارٽي تي ٿورو ڏکيو وقت ته اچي، هاڻي ان پارٽي جا ”ڪُٽي کائو مجنوئن“ جي ڀاڄ ڏسڻ وٽان هوندي. مون جڏهن اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن مان ثابت ڪندي اهو لکيو ته پيپلز پارٽي کي ملندڙ ووٽ سندس مخالفت ۾ پوندڙ ووٽن کان گهٽ آهن ته اقتدار جي نشي ۾ ورتل همراهن کي بجاءِ ڳڻتي جي ان تي کل آئي. ان جو سبب به اهو آهي ته اها پارٽي هاڻي پارٽي طور نٿي سوچي، نه عمل ٿي ڪري، نه ئي سندس ادارا آهن، نه ته 2013ع جي اليڪشن ۾ سنڌ ۾ مينڊيٽ بابت ڇا اها حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي ته 2013ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جي قومي اسيمبلي جي 61 جنرل سيٽن تي پيپلز پارٽي جا ووٽ 34 لک 87 هزار 299 آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ کي نه ملندڙ ووٽن يعني ٻين پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جي ووٽن جو تعداد 64 لک 4 هزار 689 آهي. ڪراچيءَ جون 20 سيٽون ڪڍي، باقي سنڌ جي 41 سيٽن جو حساب ڪتاب به اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته ڪهڙو مينڊيٽ، ڪٿان جو مينڊيٽ؟ 2013ع جي اليڪشن ۾ ڪراچي کان ٻاهر وارين قومي اسيمبلي جي 41 جنرل سيٽن تي پيپلز پارٽيءَ مجموعي طور 31 لک 90 هزار 825 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوارن جا گڏيل ووٽ 32 لک 7 هزار 534 آهن. پارٽي هڪ اهڙو گروهه بڻجي چڪي آهي، جيڪي پنهنجي پارٽي ورڪرن، ليڊرن، ليکڪن کان پارٽي ڪم وٺڻ بجاءِ هر سياسي ۽ علمي ڪم به پئسي تي ڪرائين ٿا. جيئن هڪ سرمائيدار ڪمپني ڪندي آهي.

ڪرپشن جون ڪهاڻيون ته پنهنجي جاءِ تي، پر ڇا اها نااهلي جي به انتها ناهي، جو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي 9 سال حڪومت دوران صوبائي ترقياتي بجيٽ جا 391 ارب رُپيا استعمال نه ڪري سگهي. مالي سال 9-2008ع کان وٺي 17-2016ع تائين جي مالي سالن دوران  تعليم، صحت، زراعت، ورڪس اينڊ سروسز سميت سمورن کاتن لاءِ مجموعي طور تي صوبائي اي ڊي پي جي لاءِ 1129 ارب رُپيا رکيا ويا. انهي عرصي دوران ڪنهن هڪ سال ۾ به سموري بجيٽ خرچ نه ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. هن مالي سال دوران به 225 ارب مان رڳو 190 ارب رُپين تائين پئسا خرچ ٿي سگهيا. قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه جون سنڌ حڪومتون مالي سال 9-2008ع ۾ 21 ارب رُپيا، 10-2009ع ۾ 19 ارب رُپيا، 11-2010ع ۾ 31 ارب رُپيا، 12-2011ع ۾ 27 ارب رُپيا، 13-2012ع ۾ 92 ارب رپيا، 14-2013ع ۾ 80 ارب رُپيا، 15-2014ع ۾ 43 ارب رپيا، 16-2015ع ۾ 43 ارب رُپيا، هلندڙ مالي سال 17-2016ع دوران 35 ارب رُپيا خرچ نه ڪري سگهيون آهن. ان ڪري مختلف منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي ويا. ترقياتي بجيٽ درست نموني استعمال نه ٿيڻ، توڙي ترقياتي اسڪيمن ۾ ”مٿين مداخلت“، سرڪاري ڪامورن جي مبينا هيراڦيري گذريل ڏهن سالن جي سنڌ جي اربين رپيا بجيت رولي ڇڏي. سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي ٻين سان ڀيٽ نه ڪجي، رڳو ان جي ئي اڳوڻين حڪومتن سان ڀيٽ ڪجي، تڏهن به اهي هر شعبي ۾ پٺتي ويا آهن. سنڌ جي اسپتالن، اسڪولن، تعليم، صحت، روڊ رستن، خوراڪ، هنر، سکيا، ثقافت، سياحت، ترقي، هر کاتي جي بجيٽ جنهن مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ کپي ها، تيئن استعمال ناهي ٿي. اها بجيٽ تي عملي طور تي ٽي چار سئو سياستدانن، انهن جي مٽن مائٽن، ايترن ئي ڪامورن، سندن ڪجهه هزار چمچن ۽ انهن جي ساٿارين جي اڪائونٽن ۾ وئي آهي. ان ڪري سنڌ جي عوام کي هاڻي پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته دنيا جنهن تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، ان ۾ اهي به تبديل ٿي پنهنجن ٻچن جو مستقبل محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪرپٽ ۽ آزمايل حڪمرانن مان جان ڇڏائيندا يا هميشه لاءِ هڪ اهڙي پارٽيءَ کي پنهنجي مٿان مسلط ڪندا، جيڪا هاڻي شهيد ڀٽي واري پيپلز پارٽي به ناهي رهي!؟

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *