Friday , March 29 2024

سنڌ جي مالي سال 18-2017 جي 14 ارب 30 ڪروڙ رپين جي گهاٽي واري بجيٽ، 49 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

CM sindh budget01

سنڌ حڪومت نئين مالي سال 18-2017ع جي 14 ارب 30 ڪروڙ رپين جي خساري واري ڪُل 10 کرب 43 ارب 18 ڪروڙ 56 لک رپين جي بجيٽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ صوبائي سالياني ترقياتي بجيٽ (اي ڊي پي) 49 ارب رپين جي واڌ سان 225 ارب رپين مان وڌائي 274 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. غير ترقياتي خرچن ۾ 94 ارب رپين جو وڏو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ انهن جو هدف 666 ارب 47 ڪروڙ 43 لک رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن 15 سيڪڙو وڌائڻ، پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اُجرت 15 هزار رپيا مقرر ڪرڻ 25 هزار ايل ايڇ ويز کي مستقل ڪيو ويندو ۽ 10 هزار پوليس ۾ ڀرتين سميت ڪُل 49 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.  نئين بجيٽ ۾ تعليمي شعبي جي مجموعي بجيٽ ۾ 24 سيڪڙو، صحت کاتي جي بجيٽ ۾ 26 سيڪڙو ۽ امن امان جي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. تعليمي شعبي جي غير ترقياتي بجيٽ 163.12 ارب رپين مان وڌائي 202 ارب رپيا ۽ ترقياتي بجيٽ 17 ارب 23 ڪروڙ مان وڌائي 21 ارب 12 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي. صحت کاتي جي غير ترقياتي بجيٽ 79.8 ارب رپين مان وڌائي 100 ارب رپيا ۽ ترقياتي بجيٽ 14 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 15 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. امن امان جي بجيٽ 84.6 ارب رپين مان وڌائي 92.91 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. روڊ انفرا اسٽرڪچر جي ترقياتي بجيٽ 13.54 ارب رپين مان وڌائي 25.77 ارب رپيا ڪئي وئي. مڪاني ادارن جي بجيٽ 60 ارب رپين مان وڌائي 71 ارب رپيا، آبپاشي کاتي جي ترقياتي بجيٽ 14 ارب رپين مان وڌائي 22 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح اڻسڌي طرح ايم پي ايز ذريعي هلندڙ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام جي بجيٽ ساڍا 8 ارب رپين مان وڌائي 20 ارب رپيا ڪئي وئي آهي.  ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وڏي وزير ۽ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي نئين مالي سال 18-2017ع جي بجيٽ پيش ڪئي.

پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ جي نئين مالي سال جي ڪُل وصولين جو ڪاٿو گذريل سال جي مقابلي ۾ 19.3 سيڪڙو وڌيڪ هوندو. نئين بجيٽ ۾ ڪُل خرچن جو ڪاٿو 10 کرب 43 ارب 18 ڪروڙ 56 لک رپيا لڳايو ويو آهي ۽ وصولين جو ڪاٿو 10 کرب 28 ارب 86 ڪروڙ 53 لک رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح نئين بجيٽ ۾ 14 ارب 32 ڪروڙ رپين جو خسارو ظاهر ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪرنٽ روينيو وصولين مان وفاقي منتقلين جو هدف گذريل سال جي 561 ارب رپين جي مقابلي ۾ 627 ارب 30 ڪروڙ 72 لک رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح صوبائي ٽيڪسز ۽ نان ٽيڪسز جي وصولين جو هدف گذريل سال جي 166 ارب 3 ڪروڙ 29 لک رپين جي مقابلي ۾ 199 ارب 62 ڪروڙ 59 لک رپيا لڳايو ويو آهي. نئين بجيٽ ۾ ڪرنٽ ڪيپيٽل وصولين جو ڪاٿو گذريل سال جي 35 ارب 69 ڪروڙ رپين جي مقابلي ۾ 57 ارب 51 ڪروڙ 40 لک رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح پرڏيهي پراجيڪٽ اسسٽنٽ ۽ ٻين وفاقي گرانٽس جي مد ۾ وصولين جو هدف گذريل سال جي 40 ارب 98 ڪروڙ رپين جي مقابلي ۾ هن سال 70 ارب 6 ڪروڙ 78 لک رپيا لڳايو ويو آهي.

 نئين بجيٽ ۾ ڪرنٽ روينيو خرچن (غير ترقياتي خرچ) جو ڪاٿو گذريل سال جي 572 ارب 76 ڪروڙ رپين جي مقابلي ۾ هن سال 666 ارب 47 ڪروڙ 43 لک رپيا لڳايو ويو آهي. ڪرنٽ ڪيپيٽل خرچن جو ڪاٿو گذريل سال جي 30 ارب 36 ڪروڙ 96 لک رپين جي مقابلي ۾ هن سال 32 ارب 64 ڪروڙ 35 لک رپيا لڳايو ويو آهي. نج صوبائي اي ڊي پي لاءِ بجيٽ 200 ارب رپين مان وڌائي 244 ارب رپيا ڪئي وئي آهي ۽ ضلعن جي بجيٽ 25 ارب رپين مان وڌائي 30 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح پرڏيهي پراجڪيٽ اسسٽنٽ جي مد ۾ گذريل سال جي 28 ارب 80 ڪروڙ رپين جي مقابلي ۾ هن سال 42 ارب 74 ڪروڙ 17 لک رپيا هدف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ٻين وفاقي گرانٽس جو هدف گذريل سال جي 12 ارب 18 ڪروڙ رپين جي مقابلي ۾ هن سال 27 ارب 32 ڪروڙ 61 لک رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ دوران پوليس ۾ 10 هزار نيون ڀرتيون ڪرڻ سميت تعليم، صحت، آبپاشي ۽ ٻين کاتن ۾ ڪُل 49 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

بجيٽ تقرير ۾ وڏي وزير ۽ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين ترقياتي بجيٽ جو 80 سيڪڙو استعمال ڪري ڇڏينداسين ۽ اهو بجيٽ جو استعمال گذريل مالي سال جي بجيٽ کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ اُهو عمل اسان جي اسڪيم جي وڌندڙ صلاحيتن ۽ حقيقي مالياتي مئنيجيمنٽ جي عڪاسي ڪري ٿو. اسان رقمون جاري ڪرڻ واري پاليسيءَ تي نظرثاني ڪئي آهي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران مڪمل ٿيندڙ رٿائن لاءِ رکيل پئسا هڪ دفعي سان ئي جاري ڪيا ويندا ۽ هلندڙ مالي سال دوران 502 ترقياتي منصوبا تڪڙن بنيادن تي مڪمل ٿيندا. وڏي وزير چيو ته نئين مالي سال دوران صحت کاتي ۾ 25 هزار نيون جايون پيدا ڪيون وينديون ۽ ويڪسينيٽرن جون 2 هزار 118 جايون پيدا ڪيون وينديون، اهڙي طرح سنڌ جي مختلف اسپتالن کي ٽُڪا ۽ انجيڪشنون محفوظ رکڻ لاءِ 300 سولر واريون ريفريجريٽر فراهم ڪيون وينديون. نئين مالي سال ۾ 150 بنا ڇت وارن اسڪولن لاءِ عمارتون قائم ڪيون وينديون ۽ 275 پرائمري، ايليمنٽري، سيڪنڊري، هائر سيڪنڊري اسڪولن جي عمارتن کي بحال ڪيو ويندو. وڏي وزير اهو به چيو ته اسان جو ملڪ ڏهاڪن کان غيريقيني واري صورتحال جو شڪار آهي ۽ ان ڪري سنڌ ۾ امن امان جي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪيو آهي.وسيلن جي ورڇ جي لحاظ کان پوليس، رينجرز، جيلن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت گهرو کاتي لاءِ مختص ڪيل رقم موجوده بجيٽ ۾ ٻئي نمبر تي وڌيڪ آهي. هلندڙ مالي سال ۾ امن امان جي بجيٽ 84.26 سيڪڙو هئي جيڪا وڌائي 92.91 سيڪڙو ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ پوليس ۾ مختلف رينڪس جون 10 هزار جايون پيدا ڪيون وينديون. جڏهن ته سنڌ پوليس کي پڇا ڳاڇا ۽ منجهيل ڏوهن وارن ڪيسن کي حل ڪرڻ لاءِ جديد فارنزڪ ليب قائم ڪرڻ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ رپيا فراهم ڪيا ويندا. اهڙي طرح 28 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان انٽيليجنس اسڪول ۽ ڊيٽا سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *