Friday , April 19 2024

پيپلز پارٽي مٿان خراب حڪمراني واري تنقيد اجائي آهي؟؟ – اصغر سومرو

Asghar Soomro

ڪاوش ۾ بئريسٽر ضمير گھمري پ پ پ تي ٿيندڙ تنقيد جي موٽ ۾ ڪافي تفصيلي آرٽيڪل لکيو آهي جنهن ۾ هن 1847ع کان وٺي موجوده دور تائين سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو درست آهي ۽ سنڌ جو هر سياسي شعور رکندڙ ماڻهو ان تاريخي صورتحال کان بخوبي واقف آهي. باقي پ پ پ کي انهن دردن جو واحد درمان طور پيش ڪرڻ غيرمناسب ۽ وڌاءُ آهي. بهرحال هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي. هن جي مضمون جو تَت اهو آهي ته سنڌ ۾ سنڌين جي مسلسل حڪومت نه هجڻ ڪري هنن ۾ رياستڪاريءَ جي فن جي کوٽ رهي آهي، باقي ڪرپشن ۽ بدعنواني واريون ڳالهيون اجايون آهن. ڇا واقعي سنڌ ۾ ڪا به ڪرپشن ناهي؟ هي سڀ ماڻهو اجائي تنقيد ڪري رهيا آهن؟ هتي هر طرف خوشحالي لڳي پئي آهي؟ منهنجي خيال ۾ هي اڌ سچ آهي، جيڪو ضمير صاحب فرمائي رهيو آهي. بلڪه هن جا دليل سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ذمري ۾ اچن ٿا. هڪ وڪيل طور عدالت ۾ پنهنجي ڪلائينٽ جو ڪيس وڙهڻ ته سمجھ ۾ اچي ٿو، پر ليکڪ طور دفاع ڪرڻ ٿورو عجيب محسوس ٿئي ٿو. سياسي پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان جي ڪارڪردگي ماپڻ جا ٻه مکيه پيمانا هوندا آهن. هڪ اهو ته ان پارٽي پنهنجي منشور تي ڪيترو عمل ڪيو ۽ ٻيو اهو ته ان جي نتيجي ۾ عوام جي زندگيءَ ۾ مجموعي طور ڪيتري خوشحالي آئي.

سال 15ع-2014ع ۾ يو اين وارن گھڻ رخي غربت جي حوالي سان هڪ رپورٽ پڌري ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جا انگ انتهائي خطرناڪ هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي ۾ 75 سيڪڙو غربت آهي. رپورٽ ۾ سنڌ کي پاڪستان جو ٻيو نمبر غريب ترين صوبو قرار ڏنو ويو. (پهريون نمبر بلوچستان هو). وڏي ڳالهه ته هي سڀ اهي علائقا آهن، جيڪي پ پ پ جو ڳڙهه رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ جي گذريل اٺن سالن ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زندگي جو معيار وڌيڪ ڪريو آهي. اربين روپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ کانپوءِ به هتي شهر کنڊر لڳا پيا آهن، ادارا تباهه ۽ عوام پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي. هر سال ڪاڏي ٿا وڃن هي اربين روپيا؟ ترقياتي بجيٽ بدعنواني جي ور چڙهي ٿي وڃي يا وري خرچ ئي نٿي ٿئي. ٻنهي صورتن ۾ عوام جو نقصان. هن عرصي دوران ڪو هڪ اهڙو ڪيس ٻڌايو، جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ صحيح خرچ نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪنهن منسٽر يا آفيسر کي ڪا سزا ڏئي وئي هجي؟ سنڌ حڪومت وٽ جمهوريت پرست قيصر بنگالي جهڙا اقتصادي ماهر هئا، جنهن کي ڪم ڪرڻ ڏين ها ته اڄ اسان کي ڪافي بهتري نظر اچي ها. پر هتي ته ابتو چڪر آهي، ماهرن کي گهرائي انهن کي ٻڌائيندا آهن ته توهان کي ڪيئن ڪم ڪرڻ گھرجي! تنهنڪري اها ڳالهه ڪرڻ درست ناهي ته هتي ڪا به ڪرپشن ناهي. بلڪه اٺن سالن جي خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ تاريخي طور ڀوڳيو آهي. نه ته ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اٺ سال وڏا آهن.

chambar

هي روڊ ٽنڊو الهيار ضلعي جي چمبڙ واري علائقي جو آهي، تصوير 2 ڏينهن پراڻي آهي

سنڌ واسي انڪري دانهون ڪري ئي اهي رهيا آهن ته: خدارا سنڌ کي سوين سالن کانپوءِ هي تاريخي موقعو مليو آهي، ان مان ڀرپور فائدو وٺو. قوم جي ترقيءَ جا ڪي مضبوط بنياد رکي وڃو. پر همراهن جي نيت ئي ناهي. سنڌ جي صورتحال تي نظر وجھڻ سان خبر پوندي ته رياستڪاري جي فن جي کوٽ سان گڏوگڏ بدنيتي به آهي. ڀلا ٻڌايو ته ٽپي، رحمان ملڪ، بابر اعواڻ، شقيب، انور مجيد وغيره کي ڪنهن اختيار ڏنو ته هتي پنهنجي اڻ سڌي حڪومت قائم ڪن؟ وفاق يا هنن پاڻ؟ تازو پارٽي اندر ضلعي ۽ تعلقي سطح جي عهديدارن جا انٽرويوز ٿيا آهن! هي ڪهڙي جمهوري پارٽي آهي، جيڪا هڪ پرائيويٽ ڪمپني وانگر هلي ٿي؟ اصل حقيت اها آهي ته هنن کي خبر آهي ته پارٽي اندر وڏيرن ۽ ڀوتارن خلاف هڪ عام ورڪر جا ڪهڙا خيال ۽ احساس آهن، انڪري اهي پارٽي اندر صحيح اليڪشن ڪرائڻ کان لنوائين ٿا. اهو نقطو سمجھڻ به ضروري آهي ته سنڌ جا ٻه طرفا معاملا آهن. هڪ اهي حق جيڪي سنڌ کي وفاق کان وٺڻا آهن، جن ۾ صوبائي خودمختياري، اين ايف سي، پاڻي، ڌاري آبادڪاري وغيره اچي وڃن ٿا. هن حوالي سان موجوده حڪومت جي ڇا ڪارڪردگي رهي آهي؟ گذريل ٻن سالن کان نائون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو آهي، پر سنڌ حڪومت صرف رسمي بيانن تائين محدود آهي. ڊاڪٽر عاصم، شرجيل ميمڻ جهڙن ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ماڻهن بابت جيڪو پارٽي سخت موقف رکيو، اهڙو اين ايف سي بابت رکن ها ته اهو گھڻو اڳ جاري ٿي چڪو هجي ها. وڌيڪ اهو ته ڪافي معاملن ۾ ائين محسوس ٿيو آهي ته ڪرپشن جي ڪيسن سبب سنڌ جو اجتماعي ڪيس خراب ٿيو آهي. ٻيو آهي سنڌ جي گورننس جو معاملو، جنهن ۾ قيادت تبديل ٿيڻ سان ڪو واضح فرق محسوس نه ٿيو آهي. تنهن ڪري سنڌ ۾ خراب حڪمراني کي وفاق جي معاملن سان ڳنڍي ڳالهين کي منجھائڻ درست عمل ناهي. هي ٻه الڳ مسئلا آهن، تنهن ڪري وفاق جي ذيادتين جو ذڪر ڪري خراب حڪمراني تان ڌيان نٿو هٽائي سگھجي.

Larkano bakrani road

هي مٿيون ڏيک لاڙڪاڻي جي باقراڻي روڊ جو آهي، تصوير گذريل هفتي جي آهي

ضمير گهمرو ارڙهين آئيني ترميم جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 22 کاتا مرڪز کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيا آهن. منهنجي نظر ۾ ارڙهين ترميم ڪا وڏي حاصلات نه هئي، پر ڪجهه بهتر هئي، جنهن تي به پوري طرح عمل ڪرائڻ ۾ پ پ پ ناڪام وئي. ٽوٽل سترنهن کاتا صوبن ڏانهن منتقل ٿيا هئا، جن ۾ اڪثر کاتا سماجي شعبي سان لاڳاپيل هئا. هنن کاتن جي مجموعي بجيٽ هئي 21.5 ارب روپيا. مزي جي ڳالهه ته سترنهن کاتن مان پ پ پ پاڻ اٺ (8) کاتا واپس وفاق کي ڏئي ڇڏيا، جن جي ٽوٽل بجيٽ هئي 15 ارب رپين جي لڳ ڀڳ. ارڙهين ترميم تي مون اڳوڻي وفاقي وزير ۽ اقتصادي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا سان ٿوري تحقيق ڪئي هئي، جيڪا ايس پي ڊي سي (سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمنٽ سينٽر) جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي. ڊاڪٽر صاحب تحقيق جا نتيجا ڏسي چيو ”کودا پهاڙ، نڪلا چوها.“ 17 مان 8 کاتا وفاق کي واپس ڪرڻ باوجود پ پ پ کي مبارڪون ڏيڻ حيران ڪن آهي. هن مهل تائين پ پ پ جا پراڻا جيالا به بلاول ڀٽو جو نالو ٽيڪ طور وٺي پوءِ ڪي ٻه لفظ زرداري صاحب جي شان ۾ ڳالهائين ٿا. پر ضمير صاحب پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت تي وڏو اطمينان ظاهر ڪندي سندن وڏي تعريف ڪئي آهي. سر شاهنواز ڀٽو جو سنڌ کي ممبئي کان ڌار ڪرائڻ ۾، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايوب آمريت خلاف جدوجهد، شهيد بينظير جو ايم آر ڊي ۽ ڪالا باغ خلاف تحريڪ ۾ ڪردار واقعي به ساراهه جوڳو رهيو آهي. پر زرداري اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي؟؟ ٿورو ان جو به ذڪر ٿئي ها ته ڀلو هو.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *