Saturday , April 20 2024

گهوٽڪي: پوليس تشدد ۾ شهيد ٿي ويل نوجوان جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾، واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڏهرڪي ۾ پوليس جي تشدد ۾ شهيد ٿي ويل نوجوان جي وارثن کي انصاف ناهي ملي سگهيو، نوجوان جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن، شهيد نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو به سلسلو جاري آهي.

نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ جا قاتل اهلڪار ڪيس داخل هجڻ باوجود گرفتار نه ٿيا، آءِ جي سنڌ جاچ آفيسر تبديل ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، واقعي خلاف لاڙڪ برادري راڻيپور ۽ خانپور ۾ مظاهرا ڪيا، پوليس جي وحشياڻي تشدد ۾ مارجي ويل ڳڀرو نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ جي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڏهرڪي پوليس جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.

ڏهرڪي ٿاڻي کان سڏ پنڌ تي ويٺل جوابدار به پوليس جي گرفت کان آجا آهن. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا مقتول جي ڪيس جي جاچ آفيسر عبدالمجيد ٽڳڙ کي جاچ کان روڪي ڄاڻايل ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي لاڙڪاڻو عبدالقدوس ڪلوڙ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته مقتول جي سڄي ڪيس جي جاچ لاءِ اي  آءِ جي ولي الله دل کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ٻن ڏينهن اندر ڏهرڪي پهچي واقعي جي جاچ ڪرڻ بعد رپورٽ آءِ جي سنڌ حوالي ڪندو.

مقتول نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ کي سندس گهر مان کنڀي ويندڙ اي ايس آءِ ڏهرڪي حاڪم ڀيو قتل ڪيس ۾ ملزم ٿيڻ بعد سڄي واقعي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس اي ايس آءِ حاڪم ڀيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته کيس ڏهرڪي ٿاڻي جي وڏي منشي رياض سيلرو فون ڪري حڪم ڏنو ته ايس پي گهوٽڪي جو حڪم آيو آهي ته سئنيما روڊ واسي عبدالرزاق لاڙڪ کي گرفتار ڪري اچو. هن چيو ته اهڙي حڪم جي تعميل ڪندي مان رزاق کي گهران گرفتار ڪري ڏهرڪي ٿاڻي تي پهچايو، هن ٻڌايو ته مقتول کي ٿاڻي تي پهچائڻ وقت هن توڙي هن جي ڀاءُ مشتاق احمد مٿان ڪيس داخل نه ٿيل هو، ان ڪري مان ٿاڻي تان روانو ٿي، گهر هليو ويس. هن چيو ته رات جو چئين وڳي وڏي منشي رياض سيلرو فون ڪري ايمرجنسي ۾ ٿاڻي تي گهرايو ۽ اڳواٽ لکيل ايف آءِ آر تي اهو چئي صحيح ڪرائي ته ايس پي  گهوٽڪي جو حڪم آهي، ان ڪري مون صحيح ڪري ڇڏي، هن چيو ته مون کي ڪابه ڄاڻ ناهي ته عبدالرزاق لاڙڪ کي  ڪنهن ۽ ڪٿي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي. هن چيو ته مون کي رزاق جي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جڏهن رزاق لاڙڪ کي قتل ڪرائيندڙ اصل جوابدار ڪيس کان به آجا آهن، ايس پي گهوٽڪي رابطو ڪرڻ تي چيو آهي مقتول جو واپارين سان ڏيتي ليتي تي مسئلو هلندڙ آهي، هن چيو ته عبدالرزاق لاڙڪ جو قتل ٿيو آهي. جنهن واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ به هلندڙ آهي، جنهن ۾ جيڪو به ڏوهاري ثابت ٿيو اهو قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندو. ٻئي طرف لنڊ گروپ جي سرواڻ خالد لنڊ جي پٽ سردار لنڊ جي اڳواڻي ۾ لنڊ گروپ جي اڳواڻن ميان منظور احمد، ميان شفيق احمد، پريل خان رهڙ ۽ ٻين مقتول جي تڏي تي پهچي سندس پونيئرن سان عذر خواهي ڪئي ۽ کين مڪمل سهڪار جو يقين به ڏياريو، هوڏانهن مقتول جي وارثن گلزار احمد، مشتاق احمد ۽ سعيد احمد لاڙڪ صحافين کي ٻڌايو ته اسان مقتول جي ٽيجهي تائين صبر ڪنداسين،.

هن چيو ته جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ته شديد ردعمل ايندو. ٻئي طرف مهر گروپ جي اڳواڻن چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڏهرڪي منير احمد مهر، دادن مهر، حاتن شر، چوڌري اڪرام الحق ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان عبدارزاق لاڙڪ جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪيون ٿا“ هنن چيو اسان جي گهر جو ڪو به فرد هن غير انساني ڪم ۾ ملوث ناهي، هنن چيو ته عبدالرزاق لاڙڪ جي قتل ڪيس ۾ حاجي افضل مهر ملوث ناهي. ان هوندي واقعي کي سياسي رنگ ڏئي اصل جوابدارن کي بچايو پيو وڃي، ٻئي طرف  عبدالرزاق لاڙڪ جي تڏي تي رات دير سان ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش سندس وارثن سان ڏک ونڊڻ ۽ فاتح خواني لاءِ پهچي ويو، مقتول جي مامي عبدالغفور لاڙڪ ٿيل ظلم خلاف دانهيندي چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي کڻي وئي ۽ بعد ۾ بيدردي سان وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته ان واقعي بابت مون کي ڪا به خبر نه هئي، جيڪو به ٿيو آهي غلط ٿيو آهي، مان اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، قتل ۾ جيڪو به ملوث هوندو چاهي جيترو به بااثر ڇو نه هجي ان کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تي پهچايو ويندو. ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش چيو ته جيڪي افواهه هلي رهيا آهن ته عبدالرزاق کي ٽارچر سيل تي قتل ڪيو ويو آهي هن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، هوڏانهن ڏهرڪي ۾ نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ جي پوليس تشدد ۾ قتل خلاف راڻيپور ۾ لاڙڪ برادري طرفان بهادر لاڙڪ، امداد لاڙڪ، غلام مصطفيٰ لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٻئي طرف خانپور ۾ لاڙڪ برادري جي طرفان رحيم لاڙڪ، غلام شبير لاڙڪ، رفيق لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *