Friday , March 29 2024

400کان وڌيڪ سياستدان ۽ ڪامورا مني لانڊرنگ ملوث آهن: ايف آءِ اي ذريعا

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل / سمٽ بئنڪ اسڪينڊل جي جاچ ۾ جي سپريم ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي پاران جمع ڪرائي ويندڙ رپورٽ ۾ هر ٻڌڻي تي نوان نوان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. گذريل ڏينهن ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي پاران سمٽ اسڪينڊل ۾ چيو ويو آهي ته انور مجيد جي بئنڪ کاتن جي جاچ دوران وڌيڪ جعلي کاتا ۽ اهڙا بئنڪ اڪائونٽس به سامهون آيا آهن جن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي پاران معامننلي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي) جوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. مني لانڊرنگ ڪيس بابت ايف آءِ اي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته رقم مان فائدو حاصل ڪندڙن جو تعداد لڳ ڀڳ 400 آهي جنهن ۾ سينيئر بيورو ڪريٽس ۽ اڳوڻا وزير به شامل آهن. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس بابت جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ رقم مان فائدو حاصل ڪندڙن جو تعداد 400  جي لڳ ڀڳ آهي، اهڙن ماڻهن ۾ سياستدانن ۽ بيورو ڪريٽس سميت ٻيا ماڻهو به شامل آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ايف آءِ اي جي رپورٽ چيو ويو آهي ته، اومني جون وڌيڪ 2 ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن. عبدالغنيد مجيد مني لانڊرنگ جو فائدو حاصل ڪندڙ سان رابطن جو اعتراف ڪيو آهي. هن يونس قدوائي سان واپاري تعلق هجڻ بابت به مڃيو آهي. يونس قدوائي ريپبلڪن بلڊرز ۽ ڊويلرز جو ڊائريڪٽر آهي. غني مجيد ايڇ ايڇ ڪمپني سان رابطا مڃيا آهن. 80 کان 100 ملين رپين جا غير قانوني طريقي سان ڊالر خريديا. اومني جون وڌيڪ 2 ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن. رپورٽ موجب نورين سلطان، ڪرن امان ۽ اقبال نورين جاچ ۾ شامل ٿي ويا. نورين سلطان، ڪرن امان، عديل راشدي ۽ شهزاد جتوئي حفاظتي ضمانت تي آهن. زين ملڪ نمر مجيد ۽ مصطفيٰ مجيد مفرور آهن. فائدو حاصل ڪندڙن ۾ اڳوڻو هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن جو پٽ به مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊي جي ايف آءِ اي، اعتزاز احسن ۽ اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد توڙي ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.  ايف آءِ اي جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي ۽ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته حسين لوائي ڪٿي آهي، ايف آءِ اي چيو ته حسين لوائي جوڊيشل رمانڊ تي آهي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر گرفتاري کان اڳ ضمانت وٺي رکي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته  آصف زرداري جي ضمانت ڪيستائين آهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته آصف زرداري 3 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت تي آهي. عبدالغني مجيد جي وڪيل شاهد حامد ايڊووڪيٽ چيو ته منهنجي اصيل جي زندگي کي خطرو آهي، عبدالغني مجيد کي وڪيل سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت شاهد حامد جي ملڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته جيڪي بيماري لکي وئي اها ايتري وڏي ناهي، وڏو ماڻهو بيمار ٿي ته مصيبت ٿي ويندي آهي، وڪيل سان ملڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، علاج ڪرايو وڃي. هن چيو ته پائلز کي بيماري ٿيڻ معمولي ڳالهه آهي، حسين لوائي جي ڪهڙي صورتحال آهي. اعتزاز احسن ۽ ٻين وڪيلن طرفان التوا جي درخواست ڪئي وئي جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پنج سيپٽمبر کانپوءِ روزاني بنيادتي ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين.

ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس جي پهرين مرحلي ۾ 32 ماڻهن خلاف جاچ جاري آهي ۽ جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 400 ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايف آءِ اي مني لانڊرنگ جي پئسن مان فائدو حاصل ڪندڙن جي لسٽ تيار ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جا اڳوڻا وزير به شامل آهن. ان سلسلي ۾ مختلف سينيئر بيورو ڪريٽس جون فهرستون به تيار ڪيون ويون آهن جنهن مان ڪجهه ڪامورا فوت به ٿي چڪا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *