Thursday , April 25 2024

ن ليگ پاران روايت برقرار رکڻ جو فيصلو،پورٽ قاسم ٽيڪسٽائل منصوبوبندڪرڻ جون تياريون

PM Nawaz PML N

ن ليگ پاران روايت برقرار رکڻ جو فيصلو،پورٽ قاسم ٽيڪسٽائل منصوبوبندڪرڻ جون تياريون

پاڪستان مسلم ليگ نواز پاران پنهنجي سنڌ دشمن روايت کي برقرار رکڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. نواز ليگ ڪيٽي بندر منصوبو بند ڪرڻ سميت وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ شروع ڪيل ميگا پروجيڪٽس بند ڪرڻ جي جي روايت ورجائيندي ، پورٽ قاسم ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي صنعتي علائقي ۾ قائم ٽيڪسٽائل زون کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

نواز ليگ جي حڪومت ان کان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ شروع ڪيل ڪيٽي بندر منصوبو به بند ڪري ڇڏيو هو جيڪو عمل ن ليگ جي گذريل حڪومت ۾ ڪيو ويو. ن ليگ پاران پنهنجي موجوده حڪومت ۾ سنڌ دشمني جي روايت کي ورجائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. ن ليگ اهڙي فيصلي تحت ٽيڪسٽائل سٽي پورٽ قاسم بند ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ان جي مخالفت ڪندي وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڳالهه نه مڃڻ جي صورت ۾ عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي اهو منصوبو بند ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ ان منصوبي لاءِ زمين سنڌ حڪومت ڏني آهي، ان ڪري ان زمين کي پورٽ قاسم اٿارٽي ڪيئن وڪڻي سگهي ٿي.

textile2

ان منصوبي کي بند ڪرڻ هڪ سازش آهي، جيڪڏهن ٽيڪسٽائيل سٽي گجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ ممڪن آهي ته پوءِ ڪراچي ۾ ڇو ممڪن ناهي؟. ان منصوبي سان سنڌ ۾ ڏيڍ لک نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ سنڌ جي معيشت جي حوالي سان به اهو منصوبو اهم آهي، ان ڪري اهو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ بند ٿيڻ نه ڏينداسين.

Asif Zardari & Murad shah

ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صنعتن واري وزير منظور وساڻ، چيف سيڪريٽري، صنعتن واري سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري انڊسٽريز  ٻڌايو ته  وفاقي حڪومت اهو ڄاڻايو آهي ته ٽيڪسٽائيل سٽي پراجيڪٽ فزيبل نه آهي، ان ڪري ان منصوبي کي بند ڪيو پيو وڃي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ سٽي آهي ۽ سنڌ ڪپهه جي وڌيڪ پيداوار ڪندڙ صوبو آهي، ان ڪري جيڪڏهن ٽيڪسٽائيل سٽي گجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ فزيبل آهي ته پوءِ ڪراچي ۾ ڇو نه فزيبل آهي؟.

 textile1

اجلاس ۾ صنعتن واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان ٽيڪسٽائيل سٽي لميٽيڊ ڪمپني ۾ وفاقي حڪومت کانپوءِ سنڌ ان منصوبي ۾ ٻئي نمبر تي وڏو اسٽيڪ هولڊر آهي ۽ سنڌ جا 16 سيڪڙو شيئرز آهن پر بورڊ ۾ سنڌ جو صرف هڪ ڊائريڪٽر آهي ۽ اهڙي طرح سنڌ کي ان بورڊ ۾ درست نمائندگي نه ڏئي زيادتي ڪئي پئي وڃي. سنڌ ڪراچي ٽيڪسٽائيل سٽي جي ترقي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا آهن ۽ ان کانسواءِ پورٽ قاسم اٿارٽي کي سنڌ حڪومت 1250 ايڪڙ زمين ڏني آهي، جنهن مان پورٽ قاسم اٿارٽي 200 ايڪڙ زمين ٽيڪسٽائيل سٽي منصوبي لاءِ پاڪستان ٽيڪسٽائيل سٽي لميٽيڊ ڪمپني کي ڏني آهي ۽ 10 لک في ايڪڙ جي حساب سان پي ٽي سي ايل کي اها زمين 2006ع ۾ الاٽ ڪئي وئي ۽ اها زمين هن وقت به سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه صنعتن واري وزير کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن اهو منصوبو بند ڪيو وڃي پيو ته ان زمين جو قبضو فوري طور تي حاصل ڪيو وڃي ۽ ان منصوبي جي زمين ۽ ٻين مسئلن بابت عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *