Thursday , April 18 2024

معاشي سهڪاري تنظيم به سي پيڪ منصوبي جي حمايت ڪري ڇڏي

 eco6

معاشي سهڪاري تنظيم (اي سي او) جي 13 هين سربراهه اجلاس ۾ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اصولن، سياسي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي اتحاد، ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي تنظيم جي فعال ڪردار ذريعي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان جي عوام جي گڏيل فائدي ۾ موقعن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ويو آهي ته سندس قيادت ۾ 13 هون اي سي او سربراهه اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. ڪالهه اربع ڏينهن 13 هين اي سي او سربراهه اجلاس ۾ منظور ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم  جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن 13 هين سربراهه اجلاس ۾ اي سي او پروگرامن ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اي سي او خطي جي گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 eco4

سربراهه اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قرار ڏنو ته هو اي سي او خطي ۾ اقتصادي ترقي، گڏيل خوشحالي، علائقائي اتحاد ۽ امن ۽ استحڪام جي لاءِ تنظيم جي هدفن ۽ مقصدن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي خواهش ۽ مضبوط عزم کي ورجائين ٿا. اي سي او جي اسلام آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته تنظيم جي ميمبرشپ ۾ توسيع جي سلور جوبلي مڪمل ٿيڻ سان ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ جي امڪانن جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي. پڌرنامي ۾ قرار ڏنو ويو ته اي سي او ۾ توسيع ۽ ان ۾ دلچسپي رکندڙ ملڪن کي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ سان گڏوگڏ مبصر جي حيثيت سان شامل ٿيڻ جي خواهشمند رياستن ۽ ادارن جي پڻ آجيان ڪئي ويندي جنهن سان تنظيم جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو. سربراهه اجلاس ۾ ازمير ٽريٽي جي اصولن ۽ مقصدن بابت عزم کي ورجائيندي مختلف معاهدن تحت تعاون جي فريم ورڪس جي تياري جي اهميت تي زور ڏنو ويو. اسلام آباد پڌرنامي ۾ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اصولن سياسي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي اتحاد، ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ويو. پڌرنامي موجب اي سي او جي فعال ڪردار جي ذريعي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان جي عوام جي گڏيل فائدي ۾ موقعن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو. پڌرنامي ۾ رابطن وڌائڻ تي زور ڏنو ويو جنهن ۾ سائبر، توانائي، ريل، روڊ، پورٽس ۽ شپنگ جا ذريعا شامل آهن. اقتصادي تعاون تنظيم جي 13 هين سربراهه اجلاس جي پڌرنامي ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي رابطن ۽ ثقافتي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي.

eco2

اي سي او خطي ۾ وسيع تر رابطن ۽ اقتصادي اتحاد جي لاءِ گڏيل جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي ۽ وسيلن کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. پڌرنامي ۾ علائقائي رابطن ۽ اتحاد جي اهميت کي اجاگر ڪندي قرار ڏنو ويو ته ان سان ميمبر ملڪ رابطن ۽ اتحاد جي مختلف پروگرامن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اسلام آباد پڌرنامي ۾ اي سي او خطي جي اندر اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ واپار کي هٿي ڏيڻ جو عزم ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ هر قسم جي انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اعتدال پسندي جي اهميت کي تسليم ڪندي ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ، گڏيل احترام، مفاهمت ۽ سماجي هم آهنگي تي زور ڏنو ويو جنهن سان اي سي او خطي ۾ پائيدار ۽ مجموعي ترقي، برابر واڌويجهه، استحڪام ۽ خوشحالي جي راهه هموار ٿيندي.

 eco4

سربراهه اجلاس ۾ اي سي او خطي ۾ افغانستان جي اهميت جو اعتراف ڪندي افغانستان ۾ نئين سر تعمير ۽ پائيدار ترقي سان گڏوگڏ امن ۽ سلامتي جي لاءِ قومي، علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو. اسلام آباد پڌرنامي ۾ اي سي او ويزن 2025ع کي اختيار ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي جيڪو اي سي او جي اندر بنيادي اصولن ۽ تعاون جي شعبن بابت هڪ ٺوس دستاويز آهي، ميمبر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار کي ٻيڻو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وزيراعظم محمد نواز شريف کي اقتصادي تعاون تنظيم (ايڪو) جي 13هين سربراهه اجلاس جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي. ايڪو سربراهه اجلاس اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو جنهن ۾ اقتصادي تعاون ۽ علائقائي رابطن ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو ويو آهي، اجلاس ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن آذربائيجان، قزاخستان، ڪرغزستان، ايران، تاجڪستان، ترڪي، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن کانسواءِ چين جي خصوصي نمائندي شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته علائقائي رابطن جي مضبوطي لاءِ اي سي او اهم فورم آهي، ميمبر ملڪ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزيراعظم چيو ته پاڪستان پرامن پاڙيسري واري پاليسي تي قائم آهي، سڀني پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي، داعش جهڙن چئلينجن کي گڏجي منهن ڏنو ويندو، مذهبي انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايران جي صدر حسن روحاني چيو ته اي سي او ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ايشيا جي مستقبل ۽ ترقي جي ضمانت آهي، اقتصادي سرگرميون هاڻي اولهه کان اوڀر طرف منتقل ٿي رهيون آهن، اي سي او ميمبر ملڪ مواصلات ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ ايران جي تجربي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ نسلن کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ تيز ترين معاشي ترقي اڻٽر آهي، آذر بائيجان جي صدر چيو ته دهشتگردي کان اسلامي ملڪ متاثر ٿي رهيا آهن، امن ۽ برداشت جا رويا وڌائڻا پوندا. اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خليل ابراهيم ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اي سي او جي فورم ذريعي ميمبر ملڪن جي ڊي پي ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي، ريل ۽ انفرااسٽرڪچر جي شعبن ۾ ڪم تيز ٿي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *