ہفتہ , نومبر 25 2017
تازي خبر

ذلفي ۽ سنڌ پيا ڏورين پاڻ ۾ – اصغر آزاد

جڏهن ڪائنات ۾ هڪڙا رشتا غير فطري طور وڇڙي ويندا آهن ۽ انهن جا سبب ڄاتل سڃاتل حقيقتون هر عام ۽ خاص کي خبر هجي ۽ ان جي باوجود چاهڻ جي باوجود ڪري ڪجهه نه سگهجي ته، پوءِ آخر ڪار سڌو سئون متاثر ماڻهو دنياداري سان گڏجي هلندو آهي، جنهن کي سڌريل لفظن ۾ ڊپلوميسي چون ٿا ۽ سڌي ۽ سادي ٻولي ۾ منافقي چئبو آهي؛ يا وري ماڻهو پنهنجي دنيا ۾ مگن پر پنهنجن آدرشن ۽ اصولن کي ڊپلوميسي جو ڪَٽُ لڳڻ ناهن ڏيندا. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو وڃي ڀٽ وسائي، ڪڏهن جو کيڙي سو کائي جو نعرو بلند ڪري جنگ جوٽي، ڪڏهن اناالحق جو نعرو بلند سڌي علمي جنگ جوٽيندو آهي. ائين ماڻهو ” مان جو ئي آهيان سو ئي آهيا“ جي پريت جو پيالو اوتي مزاحمت کي ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾  پنهنجي سماج اندر اڇل ڏئي ڇڏيندو آهي. پوءِ ان سماج جي علمي فڪري، نفسياتي ۽ ماحول ۾ پلجندڙ ماڻهن تي ڇڏيل آهي ته اهڙي ڪردار کي ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا ۽ کيس ڪهڙي موٽ ڏين ٿا. پر، بدلي ۾ ڇا ٿو ملي اُهو اهڙن انسان لاءِ ڪا اهميت ناهي رکندو؛ ڇو جو ڊپلوميسي ڪري بادشاهي واري زندگي گذارڻ جي حيثيت رکندڙ ماڻهو جڏهن ان ڊپلوميسي عرف منافقي جو ڪنڌ ڪپي ٻيو رستو اختيار ڪري ٿو ته ان لاءِ لعنت ملامت ڪا حيثيت نه ٿي رکي.

ها! ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي چپن تي جيڪا مرڪ هجي ٿي، مونکي الئي ڇو ان مان صدين جي درد جي ڀيڙا محسوس ٿيندي آهي.

ذلفي جونيئر جي هڪڙي تصوير سال ڏيڍ اڳ سوشل ميڊيا تي آئي هئي، جنهن ۾ هُو ڪراچي شهر جي هڪ گند ڪچري لاءِ ٺهيل جاءِ ( ڪچرا ڪنڊي) جي ڀت تي پينٽنگ ڪندي نظر اچي رهيو آهي. ان تصوير بابت سندس چوڻ هو (سوشل ميڊيا ذريعي آيل ڳالهه آهي) ته اسان جو معاشرو سڄو گند سان ڀريو پيو آهي، ڀتين تي به نفرت جو گند نظر اچي ٿو. ڇو نه ڀلا شهر جي ڀت تي گند/نفرت ڦهلائڻ کان ڪا سٺي پينٽنگ/ تصوير ٺاهجي.

اها تصوير جڏهن مان پنهنجي فيس بڪ وال تي شيئر ڪئي هئي ۽ هڪڙي سٽ به لکي هئي ( هاڻي ياد ناهي) ته ڪجهه دوستن عجيب قسم جا تبصرا ڪيا هئا (ف ب تي نه سامهون مون سان)، انهن تبصرن جو نچوڙ اِهو ئي هيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، نشئي ٿي ويو آهي، دماغ گهٽ ڪم ڪندو اٿس، هي ٿي ويو ، هُو ٿي ويو وغيره وغيره ۽ منهنجو جواب هڪڙو ئي هيو ته ڊائريڪشن تي قميض جا قف کولي پڙهايل تقريرون ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري جي چاهيندڙن سان بحث اجايو آ… ٻي ڳالهه ڪيو.

ان تصوير کان ڪجهه عرصو بعد ۾ ذوالفقار جونيئر جون هڪڙيون ٻيون تصويرون سامهون آيون ، جيڪي اصل ۾ ان فلم ۽ فلم جي پروموشن جون هيون جنهن ۾ ذلفي اداڪاري ڪئي هئي. جيڪو به سندس شاندار ڪم آهي. هن جي طبعيت باغي آهي، ناانصافي واري سماج کان، باغي آهي ڊپلوميسي کان، ڏيک ڏيکاءَ ۽ پاڻ پڏائڻ هن کي نه ٿو اچي. خانداني سهارو وٺي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ ڄڻ هن کي ڏسي پاڻ ئي ٻرڙاٽ ڪري ڀڄيو وڃي. نيچر سان پيار ته ڄڻ هُن جي رت ۾ سمايل هجي، جيڪو سندس هر عمل ۾ پنهنجو پاڻ ئي نکري پوي ٿو. هُو رڳو بازار ۾ نڪري پور ته سندس هڳاءُ ائين پکڙجي ٿو وڃي جيئن مينهن جي پهرئين ڦڙين کانپوءِ مٽيءَ جي سرهاڻ ماحول کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي ڇڏيندي هجي.

ها بلڪل ائين ئي جيئن ڪو ڪاڇي واسي، ڪو قمبر جي جابلو پٽي جو لطيف جو عاشق، سنگرار ۽ سيراحي واسي هاري يا اوچتو تياري ڪري صبح جو بس ۾ چڙهي پئي ۽ سانجهيءَ جو اچي ڀٽ شاهه تي نڪري. ها ! ذلفي به ائين ئي لطيف سرڪار جي عرس / ميلي جي ڏينهن دوران هڪڙي ڏينهن بنا ڪنهن پروٽوڪول، سيڪيورٽي ۽ خاص تياري جي پنهنجي هڪ رشين دوست سان گڏ ڪراچي کان ڀٽ شاهه لاءِ روانو رشين دوست سان گڏ ڪراچي کان ڀٽ شاهه لاءِ روانو ٿي ويو.

نيري رنگ جي شلوار قميض ۾  اجرڪ ڪلهي ۾ به ڪنهن ڳوٺاڻي جي اسٽائل ۾ ويڙهيل وڃي ڀٽ ڌڻي جي نگري پهتو، جنهن کيس سڃا تو يا ڪو پرڏيهي / غير ملڪي سمجهي مليو ان سان به مليو. لطيف جي حاضري به ڀري ۽ چون ٿا ته واپسي مهل، ميلي جون روايتي شيون، مڪئي جا ڦلا، ڪشمش وغيره به خريد ڪيائين. جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته هُن 70 ڪلفٽن جي ملازمن کي چيو هو ته هُو ڀٽ شاهه جي نگري تان سندن ٻارڙن لاءِ شيون وٺي ايندو.

…..۽ ها ! هي ڪو اجنبي ناهي هي ته ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آهي، جنهن جي چپن تي جيڪا مرڪ هجي ٿي، ان مان صدين جي درد جي ڀيڙا محسوس ٿيندي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ لٽريچر فيسٽيول-اڃان به پنڌ پرانهون! الهه بخش راٺوڙ

Share this on WhatsApp ادبي،سياسي ۽ ثقافتي ميڙاڪا ڪنهن به صحتمند معاشري جي ذهني امير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے