ہفتہ , نومبر 25 2017
تازي خبر

سنڌ لٽريچر فيسٽيول-اڃان به پنڌ پرانهون! الهه بخش راٺوڙ

ادبي،سياسي ۽ ثقافتي ميڙاڪا ڪنهن به صحتمند معاشري جي ذهني امير هجڻ جو ثبوت هوندا آهن.انهن مان هي محسوس ٿيندو آهي ته لاڳاپيل قوم يا برادري جو ڏاهپ ڀريو هاضمو ڪيترو بهتر هوندو آهي.هن ڀيري ڪراچي جي مڪاني هوٽل ۾ ٽن ڏينهن تائين ٻيو سنڌ لٽريچر فيسٽيول ڪوٺايو ويو.هن فيسٽيول جي آرگنائيزرن جي تبديلي به ڏسڻ وٽان هئي، ان سان گڏ ماڻهن جي موٽ جو ڪوبه حساب نه هو.هي انتهائي شاندار ايونٽ هو،جنهن کي صرف ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين ۽ بلوچن سان گڏ ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن ئي انجوائي نه ڪيو، پر سنڌ جي ٻين شهرن کان ادب ۽ سياست سان لاڳاپيل اهم اڳواڻ به شريڪ ٿيا.ان سان گڏ هن فيسٽيول ۾ اسان جي نوجوانن جوڳي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن مان انهن جي صحتمند سرگرمين ڏانهن رجحان جي عڪاسي ٿي پئي.هي نوجوان جيڪي مختلف طبقن ۽ گهراڻن سان لاڳاپيل هئا، انهن شرڪت ڪري پاڻ موکيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته هنن جي ذهن ۽ دماغ ۾ هينئر به پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر وڌيڪ اهميت رکن ٿا.هن ڀيري ، گذريل فيسٽيول جي مقابلي ۾ اردو ڳالهائيندڙ دانشورن ، صحافين ۽ ليکارين کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي.هي اهي ئي سوجهه ٻوجهه رکندڙ ساڃاهه وند آهن، جن جي سوچ سنڌ دوست رهي آهي.هن سوچ کي اڳتي وڌائڻ يا اهميت ڏيڻ جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي.

يقينن هي فيسٽيول گهڻ رخو هو، انڪري ان ۾ شرڪت ڪندڙ توڙي جو وڻ وڻ جي ڪاٺي هئا، پر انهن جي سوچ جو محور سنڌ ۽ سنڌ جا لوڪ هئا.سنڌ جي ڏکن ، سورن ۽ پيڙائن جي جنهن انداز سان عڪاسي ڪئي وئي، ان لاءِ سمورا آرگنائيزر جس لهڻن.هي ميلو ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جيان نوجوانن جي ذهني واڌ ويجهه کان وڌيڪ تفريح جو ذريعو رهيو.ان حوالي سان صرف نوجوان ئي نه پر پڙهيل لکيل ماڻهو،جيڪي ٽن ڏينهن کان اتي موجود هئا، انهن ڳالهائيندڙن کي ٻڌڻ بدران تفريح کي وڌيڪ اهميت ڏني.شايد ڪو هجي،جنهن خاص ڪري بحث مباحثي وارن پروگرامن کي ٻڌو هجي.ان جي باوجود ڪي اهڙا پروگرام ضرور هئا، جن کي ٻڌو ويو.جنهن ويل صحافت جي معيارن ۽ حالت بابت مباحثو ٿيو ته ان دوران ماڻهن جي شرڪت چڱي چوکي هئي.ان ۾ ناليوارن صحافين پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

هنن ميڊيا خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا جي انڌي گهوڙيءَ واري روئي تي افسوس جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ۽ ڳالهائيندڙن اهو تاثر ڏنو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ايتري خراب ۽ معاشري کان ڪٽيل ناهي، جيتري سمجهي وڃي ٿي.هنن پنهنجو دفاع ته ڪيو ٿي پر ماڻهن جي ذهنن ۾ هي سوال بار بار آيو ٿي ته هي عوامي ميڊيا ناهي، جيڪا ماڻهن جي مسئلن کي اهميت ڏيندي هجي.هن ميڊيا جون پنهنجون اوليتون آهن.اردو ميڊيا کي ته جوسي جوسي اسٽوريز کپن يا وري انتهائي نيگيٽو ڳالهين کي اڇلائڻو آهي ته جيئن ريٽنگ حاصل ڪري سگهجي.ان موقعي تي ناليواري صحافي حامد ميرجي نشاندي ڪافي بهتر هئي ته جيڪڏهن اهم اشوز تي پروگرام ڪجن ته واڳ ڌڻي هڪ ڀيرو ته هضم ڪري ويندا، پر ٻيو ۽ ٽيون ڀيرو ساڳي معاملي جي ڪنهن ٻئي رخ تي پروگرام ڪيو ويو ته اينڪر يا ماڊريٽر سوگهو هوندو.هن ان حوالي سان بلوچستان ، ڪشمير ۽ قبائلي علائقن جا مثال ڏنا، هي سمورا علائقا سويلين بالادستي ۽ پهچ کان پر ڀرا آهن.ان سان گڏ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اوليتن جي به نشاندهي ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌي ميڊيا وٽ وڏن سياسي اشوز کان وڌيڪ ننڍن ننڍن معاملن جي وڌيڪ اهميت آهي.پر هي ڪنهن نه چيو ته ڪيئن سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا رٻڙ اسٽيمپ ليڊر ٺاهيا آهن.هڪ سنڌي ميڊيا جي مالڪ جي هي ڳالهه ته“سنڌ جا سياستدان ۽دانشور اسان جي آڱوٺي جي هيٺان گذرندا آهن”! هي انتهائي ذهني ڏيوالپڻو آهي، جنهن جو خاتمو ڪوبه ڪري نٿو سگهي.

هن فيسٽيول جي اهم ڳالهه ادب ۽ سياست ضرور هئا، پر جن پروگرامن کي وڌيڪ ٻڌو ويو، اهي هڪ صحافت سان لاڳاپيل هئا، يا وري امرجليل جي ڪهاڻي ۽ ان تي بحث مباحثو هو. ان ڪهاڻي جو آخري جملو ته “مون جڏهن خدا کان ان جي خدائي گهري ته هو هميشه لاءِ غائب ٿي ويو”.! ان ڪهاڻي جي وچ ۾ ڪيترائي اهم ۽ پنچنگ جملا هئا، هڪڙو هي ته خدا تعالي هڪ لک چوويهه هزار نيبن مان ٻه چار به عورتون نبي نه موڪليون”. هن ڪهاڻي ۾ هن جڏهن برٽينڊ رسل جي ڪتاب جو حوالو ڏنو ته “Why I am not Christian” ۽ هن خوشونت سنگهه جي ڪتاب “End of India” جو ذڪر ڪيو ته هو به انهن جيان “ Why I Am not Muslim يا End of Pakistan جهڙا ڪتاب لکڻ چاهي ته نٿو لکي سگهي.ڇاڪاڻ ته هو ماريو ويندو.هن اظهار جي آزاديءَ کي ڍونگ قرار ڏنو ۽ چيو ته هي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي.! امرجليل جيڪو ايٽي پلس آهي، ان جي انهن ڳالهين سان هر ڪنهن کي اتفاق ۽ اختلاف جو حق آهي.هو بلڪل درست آهي ته هن ملڪ ۾ جيڪا اظهار جي آزادي مليل آهي، اها به سيليڪٽو آهي.هي آزادي سڀني جي لاءِ ناهي.ڪجهه ماڻهن کي ڳالهائڻ جو حق آهي، پر اهو به Between the lines آهي.اسان جي چوڌاري جيڪو “بادشاهه پير” جو ليڪو نڪتل آهي، ان کان ٻاهر نڪري نٿا سگهون.هي حقيقت آهي ته اسان ۾ ان ليڪي کان نڪرڻ جي جرعت به ناهي.انڪري طاقتور ڌرين،جنهن کي اسٽيبلشمنٽ سڏيو وڃي ٿو،اها اسان جي بزدليءَ کي استعمال ڪري ٿي ۽ اسان کي وڌيڪ بزدل بنائڻ جا سٽاءَ سٽي ٿي.اسان انهيءَ غلامانا سوچ کي پاليسي سڏيون ٿا.پوءِ اهڙي آزاديءَ تي خوش ٿيون ٿا.!

هن سموري فيسٽيول ۾ ميوزيڪل پروگرامن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي.شرڪت ڪندڙ انڪري پهتل هئا ته هو موسيقي ٻڌي پنهنجي ماندي من کي مطمعن ڪندا.توڙي جو جيڪي سنگر هئا،اهي ڪي پهرين جوڙ جا نه هئا، ائين جيئن گذريل ڀيري عابدهه پروين کي گهرايو ويو.پر ان جي باوجود جيڪي فنڪار ۽ ڪلاڪار شريڪ ٿيا، انهن پاڻ موکيو.پهرين ڏينهن تي سيف سميجي جي صوفيانا سوچ تي ٻڌل جيڪي ڪلام پيش ڪيا ويا، انهن کي ڪافي پذيرائي ملي.خاص ڪري نوجوانن تمام گهڻو انجواءِ ڪيو.جڏهن هن بابا بلهي شاهه جو ڪلام

اسان تيري پيڇي دين تي ايمان ڇڏيا

ڇڏيا مندر تي مسيتان دو جهان ڇڏيا

ڳايو ته سمورا ٻڌندڙ جهومي اٿيا.سيف جيڪا تمهيد ٻڌي اها بهترين هئي،۽ چيو ته انسان جي دل جو مندر صاف هجي ته هي انتها پسند ملان ۽ مولوي اسان جو ڪجهه بگاڙي نٿا سگهن.هن دل ۽ دماغ کي سمورن خرافات کان پاڪ ڪرڻ جو سبق ڏنو.بلهي شاهه جي انهيءَ ڳالهه گهڻن کي اپيل ڪئي ٿي.پروگرام جي ٻئي ڏينهن ۽ ٽئين ڏينهن تي خاص ڪري ناليواري راڳي الڻ فقير جي پٽ کي ڏسي ماسٽر چندر جو پٽ گوپي چندر ياد اچي ويو.توڙي جو ٻنهي ڪلاڪارن جي اولاد جي موسيقي جي تربيت ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي، پر هي ڀلي ڳالهه آهي ته فنڪارن جو اولاد به انهيءَ فن سان لاڳاپيل آهي.الڻ فقير جي الاپ جي لئي کي سندس پٽ برقرار رکيو.

هن پروگرام ۾ جيڪي بلوچ دوست شريڪ هئا، انهن ڪافي شڪايتون ڪيون.مير محمد علي ٽالپر کي حاني بلوچ ۽ ان جي ماءَ ۽ ڀينرن سان گڏ ڏسي سرهائي ٿي، پر انهن جي جيڪا شرڪت هجڻ کپندي هئي، ان جو کين موقعو فراهم نه ڪيو ويو.ايستائين جو ڪي ايل ايف ۾ به بلوچستان يا بلوچن جي معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو.هن ڀيري به ساڳي صورتحال هئي.بلوچ سنڌ جا هجن يا بلوچستان جا، اهي سنڌين جا فطري اتحادي آهن.ڪراچي ۾ بلوچن جو وڏو تعداد آهي، انهن جو گهڻو ڪري بلوچستان جي گوريلا سياست سان گهڻو واسطو ناهي، پر هو سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو آهن.هنن جي ڪلچر ۽ تهذيب جي نمائندگي هجڻ به لازمي هئي، جيئن اهو پاڻ سنڌ ۾ ويڳاڻو محسوس نه ڪن.جيڪڏهن اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو هي رويو رهيو ته ان جا اگرا نتيجا ئي نڪرندا.جيئن اردو ڳالهائيندڙ اسان جو اڻ ٽٽ حصو آهن، ساڳي طرح سان بلوچ به آهن.جنهن هنڌ تي هي ڪانفرنس ٿي رهي هئي، لياري ، کارادر، مٺادر ۽ ٻيا علائقا ان کان گهڻو پري نه هئا.جڏهن ته انهن علائقن جي شرڪت نه هجڻ جي برابر هئي.گڏاپ ۽ ملير مان به ڪجهه علم ۽ ادب سان لاڳاپيل دوست شريڪ ٿيا.جن مان ڪيترائي سنڌي ۽ بلوچي ادب جا پارکو آهن.هنن سڀني ڌرين کي سامهون رکندي ايندڙ ايس ايل الف کي ترتيب ڏنو وڃي ته سنڌ جي گلدان ۾ اهي سمورا گل موجود هوندا،جن کي Mosaic چئي سگهجي ۽ اهو مڪمل شڪل ۾ موجود هجي.

About Asghar Azad

Check Also

ڇا ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺهي رهي آهي ؟ – سهيل ميمڻ

Share this on WhatsApp اسلام آباد جي فضائن ۾ اڄ ڪلهه ملڪ ۾  هڪ ٽيڪنوڪريٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے