Thursday , April 25 2024

ٻن هندونياڻين جي اغوا، لبرل ۽ ترقي پسند پارٽي سمجهي ويندڙ پ پ پ جي پت وائکي، جي ڊي اي ۽ متحده به پڌرا ٿي پيا

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڏهرڪي مان 20هين مارچ تي ٻن سنڌي نياڻين روينا ۽ رينا کي اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرائي پسند جو پرڻو ڪرائڻ بعد گم ڪيو ويو آهي، انهن جي اغوا، مذهب جي تبديل ۽ سندن غير قانوني شادي ڪرائڻ واري عمل خلاف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ۽ بختاور ڀٽو زرداري توڙي آصف علي زرداري چُپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ لبرل ۽ ترقي پسند سوچ جو پوئلڳ سمجهندڙ پارٽي جي قيادت پاران هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود رينا ۽ روينا جي وارثن سان سکڻا ٻه لفظ ٽويٽر تي به نه چيا آهن. پ پ جي سنڌ حڪومت خاص طور تي وڏي وزير مراد عجلي شاهه عورتن جي تحفظ واري کاتي جي وزير، سينيٽر ڪرشنا ڪماري، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سميت ڪنهن اقليتي ايم پي اي، ايم اين اي توڙي سينيٽر به ٻڙڪ ٻاهر ناهي ڪڍي. www.sindsamaachar.com جي هن خبر جي شايع ٿيڻ يعني آچر ۽ سومر جي وچئين رات پوڻين چئي وڳي تائين پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف زرداري، آصفه ۽ بختاور ڀٽو زرداري پاران ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به بيان يا ٽويٽ پيغام جاري ناهي ڪيو.

پيپلز پارٽي پاران سينيٽ جي گذريل چونڊن ۾ جڏهن ٿر سان واسطو رکندڙ ڪرشنا ڪماري، پ پ پاران هر ڀيري مخصوص سيٽن تي ايم پي اي ٿي ايڪسائيز کاتي جو وزير ٿيندڙ مڪيش ڪمار چاولا، لالچند اڪراڻي، گيانچند ايسراڻي، سريندر ولاسائي، سچانند، پي ٽي آءِ جي سنجي گنگواڻي، سميت ڪنهن به ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر به هن وقت تائين رينا ۽ روينا جي معاملي تي سکڻو مذمتي بيان ۽ ٻنهي ڀينرن جي وارثن سان ٺلها ٻه لفظ همدردي وارن ٻن لفظن جو بيان به جاري ناهي ڪيو. انهن کانسواءِ جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ متحده جي سنجي پيرواڻي جي پاران به ڪنهن قسم جو مذمتي بيان ناهي آيو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *