Friday , April 26 2024

آصف زرداري ۽ بلاول ٻن تاريخن تي نيب آڏو پيش نه ٿيندا،گرفتاريون ٿينديون يا نه؟

آصف علي زرداري – سنڌسماءَچار فائل فوٽو

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين نيب پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو پارٽي سان واڳيل سينئر قانوندانن سان صلاح مشوري بعد ڪيو ويو، سڀاڻي 20 مارچ تي آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائڪ (سردار لطيف کوسا امڪاني طور) نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿيندا، جنهن بعد نيب پاران نئين تاريخ ڏني ويندي. ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ۽ انهن اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ وارن الزامن جي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ٽي ڏينهن اڳ نيب راولپنڊي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي طلبي جا سمن جاري ڪيا هئا. ان سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي / 20 هين مارچ اربع ڏينهن نيب آڏو پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فاروق ايڇ نائڪ سان گڏ پنجاب جو اڳوڻو گورنر پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ وڪيل سردار لطيف کوسا جي به نيب ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نيب پاران ڪيس بابت تيار ڪيل سوال نامو وصول ڪندو.جنهن بعد آصف زرداري ۽ بلاول جي وڪيل جي درخواست موجب يا نيب اختيارين جي منظوري سان ٻنهي پيءُ پٽ کي ٻيهر نوٽيس جاري  ڪيا ويندا.

فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري – سنڌسماءَچار فائل فوٽو

ذريعن کان www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ موجب، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ٻيهر نوٽيسز ته ٿيندا پر اُهي نوٽيسز 25 مارچ کانپوءِ يا وري اپريل جي ٻئي هفتي ۾ جاري ڪري پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي ويندي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نيب پاران ٻيو ڀيرو جاري ٿيندڙ نوٽيسز انتهائي اهم هوندا. جيڪڏهن آصف زرداري ٻيو ڀيرو جاري ڪيل نوٽيسز واري تاريخ تي به پاڻ خود / ان- پرسن پيش نه ٿيو ته پوءِ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي منظوري سان گرفتاري جا وارنٽس جاري ڪيا ويندا، جنهن ۾ اهو سبب ڄاڻايو ويندو ته جوابدار ڪيس جي جاچ ۾ سهڪار نه ڪري رهيا آهن. اهڙو گرفتاري وارنٽ نيب جو وڪيل ڪيس جي جاچ آفيسر پاران لاڳاپيل عدالت(سنڌهاءِ ڪورٽ يا لاهور هاءِ ڪورٽ) ۾ درسندن عارضي ضمانت رد ڪرڻ يا وري عارضي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي يا ان کان اڳ ۾ ئي اهڙي درخواست ڏيندو. ان سلسلي ۾ ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته،  www.sindhsamaachar.com آصف زرداري جي گرفتاري وارو معاملو 10هين اپريل تائين نيب سميت لاڳاپيل اختيارين وٽ غور هيٺ نه آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري بابت جيڪي چئوٻول هلندڙ آهن اُهي صرف چئوٻولن تائين ئي محدود آهن بلاول ڀٽو زرداري نيب جي پيشين کي ته منهن ڏيندو رهندو پر سندس گرفتاري عمل اچڻ جو اڃا تائين ڪو به امڪان نه آهي. www.sindhsamaachar.com کي مليل معلومات مطابق مني لانڊرنگ ۽ ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي گرفتاري جو في الحال امڪان نه آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فريال ٽالپر کي گرفتار ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري معاملي ۾ نيب خود مونجهاري جو شڪار آهي. ان بابت تحريڪ انصاف جي ڪجهه سينئر اڳواڻن ۽ نيب جي ڪجهه عملدارن جو چوڻ آهي ته، فريال ٽالپر جي گرفتاري سان پيپلز پارٽي کي واويلا جو موقعو ملي ويندو، ته عورتن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ ان عمل سان پ پ پ حڪومت خلاف اخلاقي همدرديون حاصل نه ڪري وڃي. ان ڪري بلاول ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪرڻ يا گرفتاري نه ڪرڻ بابت فيصلو جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي باقائده ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *