Friday , March 29 2024

ڪنري ۾ قتل ڪيل نوجوان جو لاش 4 ڏينهن کان دفن نه ٿي سگهيو، جوابدار کي هڪ صوبائي وزير جي پٺڀرائي جا چوٻول

ڪنري(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪنري ڀرسان ٽي ڏينهن هٿياربندن هٿان قتل ڪيل نوجوان جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار 3 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار ٿي ناهي سگهيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مک جوابدار ياسين جٽ کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير تيمور ٽالپر پٺڀرائي حاصل آهي ۽ انڪري ئي پوليس کيس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. ڪنري ڀرسان نبي سر روڊ تي 4 ڏينهن اڳ رات جو دير سان هٿياربندن نوجوان پورهيت گهنشام ڀيل کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان پاران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ جوابدار ڌنار گهنشام کي ڪهاڙيون هڻي کيس ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو هو. نوجوان جي قتل بعد وارثن ۽ علائقي واسين سندس لاش کڻي ڪنري شهر جي چوڪ تي ڌرڻو هنيو جيڪو گذريل 3 ڏينهن کان جاري آهي. نوجوان جي  وارثن جي دعويٰ مطابق نوجوان جي قتل بعد جوابدار گهمن ڀيل، گهنشام ڀيل (مقتول نوجوان جو نالو به گهنشام ئي آهي) ۽ ٽيون جوابدار ياسين جٽ شامل هئا.

وارثن جي احتجاج جي ٻئي ڏينهن تي پوليس ٻن جوابدارن جن جو واسطو به ڀيل برادري سان آهي کي گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته هڪ بااثر ۽ مک جوابدار جنهن ڪهاڙيون هڻي نوجوان گهنشام کي قتل ڪيو هو ان کي گرفتار ناهي ڪيو. مقتول جي وارثن جو مک جوابدار ياسي جٽ جي گرفتاري لاءِ ڪنري ۾ ٽن ڏينهن کان مسلسل احتجاج جاري آهي ۽ هنن نوجوان جو لاش دفنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙ نوجوان جي وارثن جو چوڻ  آهي ته جيستائين مک جوابدار گرفتار نه ٿيندو ايستائين سندن احتجاج جاري رهندو ۽ هُو لاش به نه دفنائيندا. ان سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com کي مليل معلومات مطابق پورهيت نوجوان گهنشام ڀيل جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ياسين جٽ پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير تيمور ٽالپر جو خاص ماڻهو ۽ مختلف ڪمن ڪارين ۾ سندس فرنٽ مين طور ڪم ڪندو آهي. علائقي واسي دعويٰ ڪن ٿا ته ياسين جٽ تيمور ٽالپر جي اليڪشن مهم دوران به اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، هن بابت اهو به چيو پيو وڃي ته هُو علائقي ۾ ٻڌي ڇوڙي به ڪرائيندو آهي، انڪري صوبائي وزير تيمور ٽالپر ياسين جٽ کي گرفتار ٿيڻ نه پيو ڏئي ۽ کيس بچائڻ جي لاءِ مقامي پولي تي به دٻاءُ وجهي رهيو آهي.

گهنشامڀيل جون وارث عورتون احتجاج ڪري رهيون آهن – سنڌسماءَچار فوٽو

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *