Saturday , April 20 2024

گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪار جوعورت تي تيزاب حملو،سکر سول اسپتال ۾ فرش تي علاج

سکر:پوليس اهلڪار پاران تيزاب هاري ساڙيل عورت شبنم شيخ سول اسپتال سکر جي فرش تي بي يارو مددگار پيل

گهوٽڪي( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) گهوٽڪي شهر ۾ ڏاڍي مڙس پوليس اهلڪار عورت تي تگيزاب هاري قتل ڪرڻ جي ڪوشش، عورت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال داخل، سول اسپتال انتظاميه بيڊ نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي غريب عورت کي فرش تي سمهاري ملم پٽي ڪئي. گهوٽڪي شحر جي ميمٻ پاڙي واري علائقي ۾ هڪ بااثر ۽ ڏاڍي مڙس پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو هڪ عورت شبنم عرف شبروز شيخ تي تيزاب هاري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بعد ڀڄي ويو. عورت جي ڪيهُن تي علائقي  واسين پهچي وارثن جي مدد سان عورت شبنم کي سکر سول اسپتال پهچايو. سول اسپتال ۾ پهچڻ بعد اسپتال انتظاميه تيزاب جي سڙيل عورت کي داخل ڪري بيڊ ڏيڻ بدران بيڊ خالي نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي کيس فرش تي سمهاري ملم پٽي شروع ڪري ڏني. عورت شبنم شيخ جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو انتهائي بااثر آهي. جهانگير چانڊيو وڏي عرصي کان شبنم کي تنگ ڪندو رهندو هو ۽ دوستي رکڻ لاءِ مجبور ڪندو رهندو هو.هنن ٻڌايو ته پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو شبنم کي اڄ ڌمڪي ڏني ته دوستي رک نه ته توکي جيئڻ نه ڏيندس. عورت شبنم شيخ جو چوڻ آهي ته دوستي نه رکڻ تان جهانگير چانڊيو مٿس تيزاب جي بوتل هاري ڇڏي ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته هاڻي جيڪڏهن پوليس وٽ سندس نالو ورتو ته گهر ڀاتين کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پوليس مقابلا ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيندس. هن چيو ته هُو غريب آهن، پوليس اهلڪار مان حياتي کي خطرو آهي، هاڻي هُو کيس ۽ سندس گهر ڀاتين کي قتل يا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سگهي ٿو.

شبنم شيخ بابت ڊاڪٽرن چيو آهي ته تيزاب گردي سبب عورت جي هڪ ٻانهن ۽ جسم جو هيٺيون حصو سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن سبب سندس علاج ڪراچي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ ئي ممڪن يا واري ڪنهن خانگي اسپتال ۾ علاج ڪرايو وڃي، شبنم جو علاج سکر سول اسپتال ۾ ممڪن  نه آهي. شبنم جو چوڻ آهي ته کيس گهوٽڪي مان سکر به ڪي خدا ترس ماڻهو وٺي آيا آهن ڪراچي وڃڻ جيترو ڪرايو به نه آحي، علاج ڪٿان ۽ ڪيئن ڪرائينديس.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *