Friday , April 26 2024

بااثر ٺيڪيدار قادربخش ڄامڙو خلاف ڪارروائي نه ٿي

فيض گنج: بااثر ٺيڪيدار قادر بخش ڄامڙو

فيض گنج(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي اندر سنڌسرڪار جي ٺيڪيدار پاران ترقياتي ڪمن ۾ غيرمعياري مٽيريل استعمال ڪرڻ باوجود بااثر ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي نه ٿي، ڪامورن جون خاطريون به پاڻي تي ڦوٽا ثابت ٿي رهيا آهن. www.sindhsamaachar.com جي خاص نمائندي جي رپورٽ مطابق خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ايجوڪيشڻ ورڪس سميت مختلف کاتن جي ترقياتي کاتن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ حڪومت جي ٺيڪيدار قادر بخش ڄامڙو، خيرپور ضلعي جي قديمي ڳوٺ ننگرخان شر جي پرائمري اسڪول جي اڏاوتي ۽ مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي استادن جون حياتيون داءَ تي لڳي ويون آهن. ڳوٺاڻن ۽ استادن جي شڪايتن باوجود بااثر ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ ٺيڪيدار قادر بخش ڄامڙو پاران ڳوٺ ننگر خان شر جي اسڪول جي هلندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي شڪايتن جو به ڪو کڙتيل ناهي نڪتو. ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن پاران ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ۽ اسڪول جو نئين سري سان ڪم ڪرائڻ واري خاطري تي به اڃا تائين عمل ناهي ٿي سگهيو. ان سسلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته، بااثر ٺيڪيدار قادر بخش ڄامڙو انتهائي بااثر هجڻ سبب لاڳاپيل اختيارين جي هڪ به ناهي ٻڌندو، ويتر عملدار پنهنجي خوف ۾ ٺيڪيدار قادر بخش ڄامڙو کان لنوائيندا رهندا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، اسڪول جي مرمتي ۽ اڏاوتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي، فرنيچر به تباهه ڪيو ويو، انڪري ڪم ٻيهر ڪرائي فرنيچر جي به مرمت ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ۽ قانون دڳ اختيار ڪري سگهجي ٿو.


بااثر ٺيڪيدار قادر بخش ڄامڙو، جنهن کان ايجوڪيشن ورڪس سميت لاڳاپيل کاتن جا عملدار
لنوائيندا آهن – سنڌسماءَچار فوٽو

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *