Friday , April 19 2024

دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ماڻهن جو انگ وڌي پيو..؟؟

نيويارڪ (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن (يو اين او) پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ۾ چيو آهي ته؛ سڄي دنيا اندر خوراڪ جي کوٽ خطرناڪ حد تائين واڌ سبب غذائي کوٽ جو شڪار ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي. يو اين او پاران سڄي دنيا اندر، ”خوراڪ ۽ غذا جو تحفظ“ بابت رپورٽ 2018، جاري ڪري ڇڏي آهي. يو اين او جي ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، 2017 دوران ڪيل سروي رپورٽن مطابق دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب متاثر ماڻهن جو انگ 8 ڪروڙ 20 لک هئو، جنهن ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ننڍپڻ جي سرگرم ۽ چست زندگي کانپوءِ نوجواني واري عمر ۾ وزن وڌڻ ۽ ٿولهه جهڙن مسئلن تي به ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا،ماڻهن ۾ غزائيت جي کوٽ جو اهو به هڪ ڪارڻ آهي. ٿولهه سان صحت جا ڪيترائي مسئلا جنم وٺن ٿا ۽ بيمارين سبب غذائي کوٽ جا اڃا وڌيڪ مسئلا صحت جي مسئلن ۾ به واڌ ڪن ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تيزي سان لکين ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي رهيا آهن.

 گڏيل قومن مطابق خوراڪ جي ۽ غذائيت هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن ؛ ڏکڻ آمريڪا ۽ انهن آفريقا جي ملڪن ۾ ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيڻ جا انگ اکر مليا آهن. خوراڪم ۾ کوٽ جو مک ڪارڻ موسمياتي تبديلين مينهن گهٽ وسڻ سبب زرعي شعبو متاثر ٿيڻ به آهي. جيڪڏهن صورتحال جيئن جو تيئن رهي يا ان ۾ بهتري نه آئي ته انهن ملڪن ۾ سوڪهڙُ وڌندو ۽ ان سان خوراڪ جي کوٽ جا اثر ٻين علائقن/ملڪن تي به پئجي سگهن ٿا، ڇو ته ماڻهن جي لڏپلاڻ وڌندي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين تي ضابطو آڻي بهتر ماحولياتي سرگرميون ڪيون وڃن، جن سان برساتن ۾ واڌ اچي ۽ آبهوا بهتر ٿئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *