Friday , April 26 2024

ڪراچي: گلستان جوهر، ناظم آباد، سهراب ڳوٺ، ۽ گلش اقبال سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جو ريڪٽر اسڪيل تي زور 3.6 رڪارڊ ڪيو ويو.

زلزلي جا لوڏا لڳ ڀڳ 13 سيڪنڊن تائين محسوس ڪيا ويا، ان دوران ماڻهون گهرن، دڪانن ۽ بازارن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيبه جو ذڪر ورجائيندا رهيا. زلزلن جي پئمائش ۽ مانيٽرنگ ڪندڙ اداري جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي ۾ آيل زلزلي جي گهرائي 12 ڪلوميٽر تائين زمين جي اندر هئي.، زلزلي جي لوڏن جو اصل وقت 10 لڳي 44 منٽ صبح جو هيو ۽ تقريبن 13 سيڪنڊن تائين اهڙا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *