Wednesday , April 24 2024

پي ٽي آءِ جو پاران اڄ عمران خان جي وزيراعظم طور نامزدگي جواعلان ڪيو ويندو

    عمران خان اجلاس جي صدارت ڪندي ( فائل فوٽو)

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پارٽي سربراهه عمران خان کي باضابطه طور تي وزيراعظم جي عهدي جو اعلان ڪيو ويندو؛ پي ٽي آءِ جي اڄوڪي اجلاس ۾ عمران خان پاران قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ رکڻ، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، پنجاب ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن جي نالن جو به حتمي فيصلو ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جو گڏيل اجلاس اڄ عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ ٿي رهيو آهي. اڄ سومر ڏينهن منهجهند جو ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم جي نالي جي باقائدگي سان پارٽي منظوري ڏيندي. پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، اڄو ڪي اجلاس ۾ ڪي پي جي، پنجاب جي وڏن وزيرن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي گورنرز جي نالن تي به غور ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ جي 6 جولاءِ سومر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ عمران خان کي باقائده طور تي وزيراعظم طور نامزد ڪيو ويندو، جنهن جو اجلاس بعد اعلان ڪيو ويندو. 25 هين جولاءِ تي ملڪ اندر ٿيل عام چونڊن ۾ واضح اڪثريت بعد تحريڪ انصاف وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ مصررف آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين آزاد اميدوارن سميت اڪيو ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي.

پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري موجب ڪُل پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي بني گالا ۾ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سمورن چونڊيل ميمبرن کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ۾ عمران خان کي وزيراعظم جو باضابطه اميدوار نامزد ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ترجمان موجب آزاد ميمبرن جي شموليت بعد تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو انگ 125 ٿي ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم لاءِ اتحادين، عورتن ۽ اقليتن سان گڏ تحريڪ انصاف جو انگ 174 تائين پهتو آهي جيڪو مخالف ڌر کان وڌيڪ آهي.سندس چوڻ هو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي حمايت بعد نمبر گيم 177 تائين پهچي ويندي.ٻئي پاسي تحريڪ انصاف حڪومت سازي بابت اهم فيصلا ڪري ورتا آهن جنهن تحت امڪاني وزيراعظم عمران خان جي وفاقي ڪابينا مختصر هوندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت سازي بعد پهرين مرحلي ۾ 15 کان 20 وزيرن  ٻڌل ڪابينا تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب عمران خان جي وفاقي ڪابينا ۾ متحدا قومي موومنٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو به هڪ وزير هوندو ۽ بعد ۾ ايم ڪيو ايم مان هڪ صلاحڪار ورتو ويندو.پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ق ليگ جي چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب اسمبلي ۾ اسپيڪر شپ ڏيڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن جي منظوري پارٽي جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *