Wednesday , April 24 2024

ڪراچي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي سياسي هٺ ڌرمي، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪن ۾ جهيڙو، ڪئمپس کي باهه

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو ڀؤ هو، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران گلشن اقبال جي ڪراچي ۾ هڪ ئي ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ واري فيصلي سياسي ڪارڪنن ۾ تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي. يونيوسٽي روڊ تي اردو يونيورسٽي جي ڀرسان واري حڪيم محمد سعيد پلي گرائونڊ تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ پاران 12 مئي تي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ۽  پ پ ان موقف تي قائم آهن ته اهي ساڳي ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ ئي جلسو ڪندا.

سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو لڳ ڀڳ پوڻين 12 هين وڳي ڌاري حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ ان وقت صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي، جڏهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پي ٽي آءِ جي ڪئمپ تي پهچي ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ۽ ڪئمپ پٽي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي صورتحال دوران ئي ٻڻهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ زور ٿي وئي ۽ ڪارڪنن هڪ ٻئي تي لٺين ۽ باٺن جو وسڪارو لائي ڏنو. ڪئمپ ڊاهڻ بعد پي  ٽي آءِ جا ڪارڪن به پ پ جي  ڪئمپ تي پهچي ويا ۽ انهن به ساڳئي ڪارروائي ڪندي پ پ جي ڪئمپ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

سڄي صورتحال دوران  ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن مان ڪير به حڪيم سعيد گرائونڊ تي نه پهتو ۽ ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. جهيڙي دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن ڌڪي به ٿيا آهن.ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن جي جهيڙي دوران ڪيترين ئي موٽر سائيڪلز ۽ ٻين گاڏين کي باهه ڏني وئي، پر اتي موجود ڪجهه عام شهرين باهه وسائي ورتي.اطلاع اهي آهن ته ڪجهه موٽر سائيڪلز سڙي ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *