Saturday , April 20 2024

”پسٽل جا فائر ڪري ماريندس تنهنجي عاشق کي“….!!!

ڪراچي( سنڌسماءَچار رپورٽ) سنڌ ۾ غير معياري شاعري ۽ ڏوهن لاءِ پڙڪائيندڙ شاعري واري ڪلامن تي ٻڌل هڪ البم جاري ڪيو ويو آهي. ڪومل پروڊڪشن پاران جاري ڪيل فنڪار سائين بخش جاگيراڻي جي البم ۾ پئسا وٺي شاعرن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. فنڪارن جي سي ڊيز جاري ڪندڙ لاڙڪاڻي ۾ قائم هڪ ميوزيڪل ڪمپني ”ڪومل پروڊڪشن“ پاران سائين بخش جاگيراڻي نالي هڪ فنڪار جي ڳايل ڪلامن تي ٻڌل هڪ سي ڊي جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ هڪ ڪلام ڳايو ويو آهي، جنهن جو ٿل آهي ” پسٽل جا فائر ڪري ماريندس تنهنجي عاشق کي“. فنڪار سائين بخش جاگيراڻي سان سنڌسماءَچار پاران جڏهن فون تي رابطو ڪيو ويو ته هن، ٻڌايو ته، سندس هن البم ۾ سندس ڳايل ڪلام، ”پسٽل جا فائر ڪري ماريندس تنهنجي عاشق کي“ کيس تمام گهڻي مشهوري ڏني آهي، هاڻي ماڻهو ساڻس رابطو ڪري سندن شاعري ڳائڻ لاءِ چون ٿا.

سائين بخش جاگيراڻي فخريا انداز ۾ ٻڌايو ته هاڻي شادين توڙي نجي محفلن جون دعوتون به جام ملي رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب هن ٻڌايو ته، ”پسٽل جا فائر ڪري ماريندس تنهنجي عاشق کي“ جو شاعر نثار رند آهي. هن ڪلام جي سٺي پروڊڪشن لاءِ ”تعاون“ به ڪيو آهي. ۽ اڪثر ته ماڻهو پنهنجو نالو شاعر طور شامل ڪرائڻ لاءِ ”تعاون“ ڪندا آهن ۽ جيڪو جيترو وڌيڪ تعاون ڪندو آهي ان جي شاعري اوتري سٺي نموني ڳائيندو آهيان.

”پسٽل جا فائر ڪري ماريندس تنهنجي عاشق کي“ ۽ ان جهڙي ٻئي غير معياري شاعري ڳائي سي ڊيز ذريعي جاري ڪري عوام تائين پهچائڻ تي اڃا تائين ڪنهن   به سرڪاري اداري پاران ڪنهن به قسم جو نوٽيس ناهي ورتو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *