Thursday , April 25 2024

عمرڪوٽ ٿاڻي تان گم ٿي ويل نياڻي اميشا ڊرامائي انداز ۾ هٿ اچي وئي

حيدر آباد/عمرڪوٽ( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) عمرڪوٽ پوليس جي تحويل مان گم ٿي ويل نينگري اميشا خاصخيلي ڊرامائي انداز ۾ حيدرآباد مان هٿ اچڻ کانپوءِ اباڻي شهر عمرڪوٽ پهچي وئي، رٽائرڊ پوليس عملدار محرم بلوچ ۽ سندس گهرواريءَ رضيا نينگريءَ کي پڃاري ٿاڻي تي پهچايو، جڏهن ته حيدرآباد جي وومين پوليس اميشا خاصخيلي کي عمرڪوٽ پوليس جي حوالي ڪيو،. نينگريءَ جو چوڻ آهي ته عدالت کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏينديس. حيدرآباد پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري اميشا خاصخيلي ٽنڊي الهيار روڊ تي روئي رهي هئي ته هڪ جوڙي کائنس پڇيو، هن پنهنجو نالو اميشا خاصخيلي ٻڌايو، جنهن بعد جوڙي اميشا کي پڃاري ٿاڻي تي پهچايو، جتان  عمرڪوٽ پوليس کي اميشا جي هٿ اچڻ بابت آگاهه ڪيو ويو.نينگري اميشا خاصخيلي کي اباڻي شهر عمرڪوٽ پهچايو ويو.

اي ايس پي حيدرآباد سٽي زاهده پروين 

ٿاڻي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اميشا خاصخيلي ٻڌايو ته هوءَ سڀاڻي عدالت ۾ پنهنجي غائب ٿيڻ بابت حقيقتون ٻڌائيندي. سنڌ جي گهرو وزير  سهيل انور سيال ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نينگري اميشا خاصخيلي حيدرآباد مان هٿ اچي وئي آهي، جنهن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه پهريان اميشا خاصخيلي جي هٿ اچڻ بابت اطلاع تي لاعلمي ظاهر ڪئي هئي، بعد ۾ هن ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته اميشا کي پوليس هٿ نه ڪيو آهي، پر اها روڊ تان هٿ آئي. ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ  جو چوڻ آهي ته نينگري اميشا حيدرآباد مان هٿ ڪئي وئي، پر اهو چئي نٿو سگهجي ته هوءَ ڪٿان هٿ آئي، هوءَ رستي تان ملي، اغوا ڪندڙ کيس اتي ڇڏي ويا يا هن کي اغوا ڪري اتي رکيو ويو هو. هن چيو ته اميشا کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڊي آءِ جي ميرپور خاص مظهر نواز شيخ، نينگري اميشا خاصخيلي جي هٿ اچڻ بابت تصديق ڪندي چيو ته نينگري اميشا کي بازياب ناهي ڪرايو، کيس پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس  پي عمرڪوٽ اعجاز شيخ ٻڌايو ته  نينگري اميشا کي حيدرآباد ۾ ٽنڊوالهيار روڊ تي ڦٽو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪجهه ماڻهن نينگري کي حيدرآباد جي وومين ٿاڻي تي پهچايو. عمرڪوٽ پوليس اميشا کي حيدرآباد مان ميرپورخاص آندو، جتي کيس ڊي آئي جي آفيس نيو ويو، جتان کيس اباڻي شهر عمر ڪوٽ پهچايو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *