Thursday , April 18 2024

بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ سرڪار پاران دعوت اسلامي لاءِ 150 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دعوت اسلامي کي ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آحي، وڏي وزير اهڙي منظوري پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي ڏني آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي هڪ ليٽر لکي حڪم ڏنو آهي ته، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي، دعوت اسلامي جي مجلس عاملا جي يوسف سليم عطاري پاران درخواست ملي هئي، (جيڪا اوهان کي هن خط سان گڏ اماڻجي ٿي) درخواست ۾ يوسف سليم عطاري پاران، دعوت اسلامي جي مجلس عاملا پاران ڪراچي ۾ ” دارالاالمدينا انٽرنيشنل يونيورسٽي انٽرنيشنل “ قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي خط ۾، سينئر ميمبر ب ورڊ آف روينيو کي اها به هدايت ڪئي آهي ته، دعوت اسلام کي ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين ڪراچي ۾ ڪنهن سٺي هنڌ تي فوري طور تي الاٽ ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *