Wednesday , April 24 2024

وفاقي بجيٽ ۾ صرف ڪراچي ڊويزن لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجيٽ سنڌ ۾ رڳو هڪ ڪراچي ڊويزن لاءِ خصوصي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آحي، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته، 25 ارب رپين جو پيڪيج ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪيل وعدي مطابق ڏنو ويو آهي.  وفاقي سرڪار پاران مالي سال 2018 ۽ 19 جي بجيٽ ۾ ڪراچي جي منصوبن لاءِ 25 ارب رپيا رکيا ويا، سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ لاءِ نجي ڪمپنيز سان گڏجي پلانٽ لڳائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي، مسئلي جي حل لاءِ وفاقي سرڪار هڪ منصوبي جو فيصلو ڪيو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته سامونڊي پاڻي کي پيئڻ جي لائق بڻائڻ لاءِ نجي شعبي ذريعي پلانٽ قائم ڪيو ويندو جنهن سان هڪ ڏينهن ۾ 50 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو جنهن سان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڪافي حد تائين گهٽجي ويندو.

مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته لاهور ۽ ملتان جي ميٽرو بس منصوبن کي صوبائي حڪومتن فنڊ ڪيو پر ڪراچي ۾ گرين لائن ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم کي وفاقي بجيٽ سان تيار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته موجودا مالي سال تائين هن منصوبي تي 16 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، ان حوالي سان روڊن ۽ پلن جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ميٽرو  منصوبي لاءِ بسون خريد نٿي ڪري سگهي ته وفاقي سرڪار بسون ڏئي سگهي ٿي. مفتاح اسماعيل يوريا ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو ۽ ڊي اَي پي تي 100رپيا في ٻوري آهي پر نئين بجيٽ ۾ هر قسم جي ڀاڻ تي سيلز ٽيڪس جي شرح 3 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وئي آهي.  بجيٽ ۾ فاٽا لاءِ 24 ڏهائي 5 ارب رپيا رکيا ويا جڏهن ته فاٽا کي قومي وهڪري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 100 ارب رپين جو خاص پروگرام به شامل ڪيو ويو. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته تماڪو نوشي جي رجحان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪندي چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ زراعت، ڊيري ۽ پولٽري جي شعبن ۾ رليف ڏنو ويو آهي جنهن تحت پولٽري سيڪٽر لاءِ مختلف وٽامنز  جي ايڪسپورٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي 10 مان گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *