Saturday , April 20 2024

پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو: وزيراعظم نوازشريف نااهليءَ کان بچي ويو- ٻن جو اختلافي نوٽ_ وزيراعظم صادق ۽ امين نه آهي کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي: جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار

nawaz & shahbaz 1

وزيراعظم نواز شريف صادق ۽ امين انهي رهيو، سندس ايم اين اي شپ تان ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي، اهو چوڻ آهي پاناما ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندڙ لارجر بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار احمد جو، جن پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ پنهن جو اختلافي نوٽ لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار اختلافي نوٽس ۾ نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ چيو، ٽن ججز اڪثريتي راءِ سان وزيراعظم ۽ سندس پٽن خلاف جاچ شروع ڪرائڻ جو فيصلو ٻڌايو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پتو لڳايو وڃي ته لنڊن ۾ فليٽس جي خريداري لاءِ اربين رپيا ڪٿان آيا، حسن ۽ حسين نواز ننڍي عمر ۾ والد کي اربين رپين جي رقم  تحفي ۾ ڏني اها رقم آخر ڪٿان آئي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته، 7 ڏينهن اندر جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، عدالت وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس پٽن حسن ۽ حسين کي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت نواز شريف جي پٽن پاران پاناما ڪيس جي ٻڌڻين دوران پيش ڪيل قطري شهزادي جو خط رد ڪندي چيو آهي ته، قطري خط وزيراعظم ۽ سندس خاندان لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪيون، اُهي خط عدالت تي بم جيان ڪيرايا ويا.

سپريم ڪورٽ پاناماليڪس جو فيصلو ٻڌائيندي وزيراعظم ميان نوازشريف ۽ سندس پٽن کان جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جوڙي وڃي.

جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ پاناما ليڪس ڪيس جو اڪثريتي راءِ جي بنياد تي لکيل فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ قطري شهزادي جي خط جي قانوني حيثيت بابت سوال اٿاريا ويا.

shabaz 2

جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس گلزار احمد، جسٽس عظمت سعيد شيخ، جسٽس اعجاز افضل ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل 5 رڪني بئنچ 7 ڏينهن اندر جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ، ايف آءِ اي، نيب ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي.

عدالت  549 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ته جي آءِ ٽي 60 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري، ان دوران هر ٻن هفتن کانپوءِ بئنچ آڏو رپورٽ پيش ڪئي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي آڌار تي سپريم ڪورٽ جي هڪ خصوصي بئنچ جوڙي وڃي، جيڪا وزيراعظم نواز شريف جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت سندس صادق ۽ امين هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو ڪري.

عدالت سوال اٿاريو آهي ته جي آءِ ٽي جاچ ڪري ته گلف اسٽيل ڪيئن وڪرو ٿي، اها رقم قطر ۽ قطر کان لنڊن ڪيئن منتقل ٿي؟ حسن ۽ حسين نوازشريف لنڊن ۾ فليٽس ڪڏهن ورتا؟ ان لاءِ رقم ڪٿان آئي؟ عدالت چيو ته جي آءِ ٽي اها به جاچ ڪري ته نيسڪول ۽ نيلسن ڪمپنيز ڪنهن جي ملڪيت آهن، حسن ۽ حسين ننڍي عمر ۾ ايڏي رقم ڪيئن ڪمائي؟ ٻنهي ڄڻن وٽ اربين رپيا ڪٿان آيا، جيڪي هنن ميان نوازشريف کي تحفي طور ڏنا؟

Panama 5

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قطري خط حقيقت آهي يا ڏند ڪٿا؟ ان جي جاچ ڪئي وڃي. فيصلي ۾ نيب جي ڪردار تي به اطمينان جو اظهار نه ڪيو ويو، عدالت چيو ته نيب چيئرمين جاچ ۾ غير رضامند ڏٺو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي فصلي ۾ چيو ويو آهي ته ضرورت پوڻ تي وزيراعظم نوازشريف، حسن ۽ حسين نواز جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿين. بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ گلزار احمد اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته  وزيراعظم پنهنجي اولاد جي ملڪيتن جي حوالي سان قوم کي اعتماد ۾ نه وٺي سگهيو.

اختلافي نوٽ ۾ لکيو ويو آهي ته وزيراعظم صادق ۽ امين نه آهي، اليڪشن ڪميشن کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪري.

 نيب چيئرمين کي سندس رٽائرمينٽ تائين نواز شريف خلاف جاچ کان پري رکيو وڃي. عدالتي فيصلي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا اهو به چيو آهي ته، نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري کي سندس رٽائرمينٽ تائين نوازشريف خلاف جاري ڪنهن به جاچ کان پري رکيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *