Friday , April 19 2024

ڳڙهي خيرو جي جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا

ڳڙهي خيرو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڳڙهي خيرو ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪَرُ کنيو آهي، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ ولي محمد ڏاهاڻي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب گل حسن عرف ڪاريهر جکراڻي، سندس گهر واري وڏي خاتون ۽ پاڙيسري عورت گلناز خاتون ڏاهاڻي مارجي ويون. اطلاع ملڻ بعد پوليس 4 ڪلاڪ دير سان پهچي مارجي ويلن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. ڳڙهي خيرو ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري کين جيڪب آباد اسپتال نيو ويو ۽ زخمي ٿيل نينگر کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتار عمل ۾ اچي سگهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *