Friday , April 19 2024

ڳوٺ بادل چانگ واسي نوجوان پورهيت بلڊڪئنسر جي مرض جو علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل

فيض گنج ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) فيض گنج جي ڳوٺ بادل فقير چانگ جو رهواسي نوجوان صداقت چانگ بلڊ ڪئنسر جي مرض سبب بستر ڀيڙو ٿي ويو آهي، غربت سبب علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل پورهيت جي علاج لاءِعلائقي جي سماجي ڪارڪنن چندو گڏ ڪرڻ لاءِ جهولي جهلي ورتي، مهم جاري رکڻ جو اعلان.

خيرپور جي تعلقي فيض جي ڳوٺ فيض گنج تعلقي جي ڳوٺ بادل فقير چانگ واسي نوجوان پورهيت صداقت چانگ گذريل ڪيتري وقت کان بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا رهڻ بعد سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، علاج نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل نوجوان صداقت چانگ لاءِ، فيض گنج جا سماجي ڪارڪن ڪامريڊ غلام مرتضيٰ شر، عبدالباقي شر جي اڳواڻي ۾، پڪاچانگ شهر ۾ جهولي کڻي چندو گڏ ڪرڻ واري مهم شروع ڪري ڏني آهي. ان سلسلي ۾ ڪامريڊ مرتضيٰ شر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته صداقت چانگ جي بهتر علاج ڪرائڻ لاءِ هُو چندو گڏ ڪرڻ لاءِ جهولي کڻي شهر ۾ نڪتا آهن. هن چيو ته پهرين ڏينهن دوڪاندارن ۽ شهرين 36 هزار رپين کان وڌيڪ جي رقم جو گڏ ٿي آحي. چندو گڏ ڪندڙ سماج سڌارڪ ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته، کين اميد آهي ته شهري ۽ فيض گنج جا خدا ترس ماڻهو صداقت چانگ جي حياتي بچائڻ لاءِ اڳتي اين دا ۽ دل کولي نوجوان جي مدد ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *