Thursday , March 28 2024

ڳوٺاڻا نلڪي جو پاڻي پيئن ٿا، شهرين جي نخرن تي منرل واٽر وارن زمينو سڪائي ڇڏيون: چيف جسٽس

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار عوام کي بوتلن وارو پاڻي نه پيئڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته ٻهراڙي ۾ ماڻهو سادو پاڻي پيئن ٿا، رڳو شهري ماڻهو نخرا ڪري رهيا آهن، منرل واٽر ڪمپنيز اسان جون زمينون سُڪائي ڇڏيون آهن، نلڪن ۾ به پاڻي اچڻ بند ٿي ويو، اپيل ڪريان ٿو ته عوام نلڪن جو پاڻي استعمال ڪري. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سرڪاري ادائيگي بنا پاڻي استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته لاهور ۾ جر جو پاڻي چار سئو فٽ تائين پهچي ويو آهي. منرل واٽر ڪمپنين لاهور ۽ شيخوپورا کي سڪائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ٻهراڙي ۾ ماڻهو سادو پاڻي پيئن ٿا، رڳو شهري ماڻهو نخرا ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عوام کي درخواست آهي ته بوتلن جو پاڻي پيئڻ بند ڪيو وڃي، جن ماڻحن اسان جي زمين کي بنجر ڪيو ۽ پيسا به ناهن ڏيندا، انهن ڪمپنين جو پاڻي استعمال ڪرڻ بند ڪيو وڃي.  چيف جسٽس چيو ته سروس اسٽيشنز تي مٺي پاڻي سان گاڏيون ڌوتيون وينديون آهن، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هڪ ڪار تي چار سو ليٽر پاڻي خرچ ايندو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سيمينٽ انڊسٽري لاءِ پنج هزار في ڪيوسڪ قيمت لاڳو ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته پاڻي ڪمپنين اربي گيلن پاڻي استعمال ڪيو ۽ لکين رپيا نه ڏنا، جڏهن ته اڪثر ڪمپنيون غير معياري پاڻي وڪرو ڪري رهيون آهن. منرل واٽر ڪمپنين جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته هي جر جو پاڻي ڪڍڻ ۽ ان کي صاف ڪري مارڪيٽ پهچائڻ تي تمام گهڻو خرچ ايندو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ايئن ٿا ڪيون جو اوهان جون ٽربائينون بند ڪرائي ڇڏيون ٿا. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪمپنيون اربين رپيا ڪمائي رهيون آهن، ڪميونٽي کي واپس ڇو نه ٿيون ڪن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اعتزاز احسن اوهان ته رڳو ٻڌايو آهي ته ڪيترا پيسا خرچ ٿين ٿا، انهن ڪمپنين جر جو پاڻي سڪائي ڇڏيو آهي. نلڪن ۾ پاڻي اچڻ بند ٿي ويو آهي.

ٿر ڪول منصوبي ۾ ڪرپشن، سپريم ڪورٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *