Friday , March 29 2024

گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه واجد ضياءَ شهيد بينظير ڪيس جي جاچ ڪئي_ عرفان نعيم منگي ڪي پي ڪي جي اڳوڻي آءِ جي کي گرفتار ڪيوهو

JIT members

جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جو تعلق پوليس گروپ سان آهي، هو هن وقت ايف آءِ اي جو ايڊيشنل ڊي جي اميگريشن آهي، هو حج ڪرپشن اسڪينڊل ۽ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ٽيمن جو حصو رهيو آهي، واجد ضياءُ ايف آءِ اي ۾ اچڻ کان اڳ ڊي آءِ جي موٽروي پوليس رهيو. واجد ضياءَ کي اڪنامڪ ڪرائيمز ۾ جاچ جي مهارت حاصل آهي. هن حج اسڪينڊل جي جاچ ڪئي ۽ ان ٽيم جو سربراهه رهيو.

واجد ضياءَ مختلف ضلعن ۾ ڊي پي او طور به مقرر رهيو آهي، گڏيل جاچ ٽيم  ۾ شامل سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بلال رسول اڳوڻي گورنر پنجاب ميان محمد اظهر جو ڀاڻيجو آهي، 20 سالن کان هن اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن برطانيا مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن اقتصاديات ۽ معاشيات ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي آهي،  ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ ريگيوليشن، سيڪيورٽي مارڪيٽ، نان بئنڪنگ فنانس، ڪمپنيز ۽ غير روايتي بئنڪاري ۾ 15 سالن جو تجربو رکي ٿو، ايس اي سي پي ۾ اسلامڪ بئنڪاري جي سربراهه طور ڪم ڪري چڪو آهي.

 ڊائريڪٽر جنرل نيب بلوچستان عرفان نعيم منگي به گڏيل جاچ ٽيم ۾ شامل آهي. عرفان نعيم منگي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث ڪي پي ڪي جي اڳوڻي آءِ جي ملڪ نويد کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪري چڪو آهي، هڪ مهينو اڳ ڊي جي نيب بلوچستان مقرر ٿيو، اهڙي طرح جي آءِ ٽي جو ٻيو ميمبر اسٽيٽ بئنڪ جو آفيسر عامر عزيز آهي، جيڪو چارٽر اڪائونٽنٽ آهي، هو گذريل 20 سالن کان بئنڪنگ جي شعبي سان لاڳاپيل آهي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بئنڪنگ ۽ فنانس جو ايم ڊي به آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۾ بئنڪنگ انسپيڪشن واري شعبي ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هڪ ميمبر آءِ ايس آءِ ۽ هڪ ملٽري  انٽيليجنس جو آفيسر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *