Friday , April 26 2024

گٽرن جو فضلو مليل پاڻي- سنڌ واسي خطرناڪ نورووائرس Norovirus جي مرض جو شڪار ٿي سگهن ٿا

norovirus-collection 01

سنڌ واسي خاص طور تي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو گٽرن جو فضلو مليل پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. سنڌ واٽر ڪميشن جي رپورٽ ۾ اهو واضع چيو ويو آهي ته، سنڌ واسي خاص طور تي شهرن ۾ رهندڙ اڪثر آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي، جيڪو پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي اهو به انساني فضلو مليل آهي.

ٻي طرف طبي ماهرن چيو آهي ته گدلو پاڻي پيئڻ سان ماڻهو نورووائرس Norovirus جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ڊريڪسل يونيورسٽي جي تحقيق موجب اتر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڊائريا ۽ معدي جي مرضن ۾ ورتل ماڻهن تي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن مرضن جو سبب گدلو پاڻي هو. 10 کان وڌيڪ تحقيقن موجب معدي ۽ آنڊن جي بيماري جو واسطو گدلي پاڻي سان هوندو آهي، جنهن کي نورو وائرس چيو ويندو آهي.

norovirus-collection 03

ماهرن موجب گدلو پاڻي واپرائڻ جي نتيجي ۾ معدو ڪمزور ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ قوتِ مدافعت ذري گهٽ ختم ٿي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾ جنهن سبب الٽي، دستن ۽ ڊائريا جي شڪايت پيدا  ٿي ويندي آهي.

پاڻي گهڻي قدر نڙي ۽ پائيپ لائين جي ڪري گدلو ٿي ويندو آهي يا وري تيز مينهن ۾ به پاڻي صاف ناهي رهندو. گهڻي دير تائين بوتل ۾ رکيل پاڻي پيئڻ به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، ڇو ته ان ۾ خطرناڪ گئس پيدا ٿي ويندي آهي. تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پاڻي اُٻاري پيئڻ سان ان مان زهريلا جراثيم ختم ٿي ويندا آهن، پاڻي جو خراب هجڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندو آهي ته ان ۾ مٽي ۽ ٻين جيوڙن جا ذرا موجود آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *