Friday , March 29 2024

گوڙاڻو ڊيم _ ٿر جي ترقي يا آلودگي کان پاڪ فضا کي گندو ڪرڻ جي شروعات..؟؟

Goranoo Dam 3

گوڙاڻو ڊيم ۾ ڇوڙ ڪيل کاري پاڻي جو ڏيک

ٿر مان ڪوئلي جي کوٽائي دوران نڪرندڙ کارو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي، گوڙاڻو ڊيم جو هنڌ تبديل ڪرڻ خلاف علائقي واسين جي احتجاج ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس باوجود خانگي ڪمپني نه ته عدالتي فيصلي جو انتظار ڪيو ۽ نه ئي وري علائقي واسين پاران هلندڙ احتجاج کي ڪا اهميت ڏني آهي.

Sindh Engro Coal Mining Company  SECMC   ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي دوران اتان نڪرندڙ کاري پاڻي کي منتقل ڪرڻ وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ٿر ڪول منصوبي جي ڪوئلي جي کوٽائي دوران نڪرندڙ کاري پاڻي کي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ گوڙاڻو ڊيم جو ڪم مڪمل نه هئڻ جي باوجود ٿر ڪول  منصوبي جي ڪوئلي جي کوٽائي واري کاڻ جي چوڌاري هنيل ٽيوب ويلن مان نڪرندڙ کاري پاڻي کي ڪمپني انتظاميا پاران ڊيم جي ايريا اندر ڇڏڻ جو سلسلو شروع ڪيوويو آهي.

ٿرو ڪول جي بلاڪ ٽو تي ڪوئلي جي کوٽائي واري کاڻ جي چوڌاري  هنيل 27 ٽيوب ويلن مان نڪرندڙ کاري پاڻي کي گوڙاڻو ڊيم ايريا اندر  ڇوڙ ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، واضح رهي ته ڳوٺاڻن پاران ڄاڻايل ڊيم خلاف عدالت ۾ پٽيشن به داخل ڪرايل آهي. ڊيم ايريا تي ٽن ڏينهن کان ٻيهر سروي جو ڪم به هلندڙ  آهي.

Goranoo Dam 1

گوڙاڻو ڊيم توڙي ڌڪڙڇو ڊيم خلاف ڳوٺاڻن پاران ڪالھه به الڳ الڳ احتجاج جاري رهيا، انهي سلسلي ۾ گوڙاڻو ڊيم جي هنڌ جي تبديلي لاءِ  مختلف ڳوٺاڻن پاران ڌرڻو ڪالھه 175هين ڏينهن تي به اسلام ڪوٽ  پريس ڪلب آڏو انور لوڍو، غلام مهراڻپوٽو، عبدالله چوهاڻ، دسونت ڀيل، وڪيل ليلارام، لڇمڻ، ملوڪ، مڪيش، مٺو، لالو ۽ ڌارو ميگهواڙ جي اڳواڻي ۾ جاري رهيو، انهي موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسين ڪيترن ئي ڏينھن کان دانھي رھيا آھيون ته بنا سروي جي ۽  بنا ڪنھن نقشي جي ڏاڍ مڙسي سان ٺھندڙ ڊيم جو رڳوھنڌ تبديل ڪري ٻئي پاسي کارو پاڻي ڇڏيو وڃي  پر ھتي ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي. هڪ طرف چيو پيو وڃي ته سروي ٽيم ڊيم ايريا جي سروي ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي اسان جي اعتراض جي باوجود ٻن ڏينهن کان ٿر ڪول بلاڪ ٽو جو کارو پاڻي ڪوئلي کاڻ جي چوڌاري ٽيوب ويل لڳائي پائيپن ذريعي 30 ميل پري ڳوٺ گوڙاڻو ڀرسان ڇوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي.

Goranoo Dam 2

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اڃا ته نه ڊيم جي مڪمل سروي ٿي آھي ۽ نه وري زمينون مڪمل ڳوٺاڻن کان خريد ڪيون ويون آھن پوءِ به زوري پاڻي ڇڏيو پيو وڃي.

متاثر ڳوٺاڻن کاري پاڻي ڇوڙ جي مذمت ڪندي چيو ته اينگرو ڪمپني لاڳيتو ڏاڍائي ڪري رهي آهي، جنهن جو سرڪار ۽ عدالت کي نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *