Friday , April 19 2024

گوجره: ڦاٽڪ کليل هجڻ سبب شاليمار ايڪسپريس جو ڪار کي ٽڪر،هڪ ئي ڪٽنب جا 6 گهر ڀاتي فوت

گوجره :پنجاب جي شهر گوجره ۾ ريلوي ڦاٽڪ کليل هئڻ سبب ڪار شاليمار ايڪسپريس جي زد ۾ اچي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ريلوي واري وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. گوجره ۾ ريلوي ڦاٽڪ کليل هئڻ سبب ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ڪار مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا. اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جن جي ٿڏي تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته حادثو ڦاٽڪ کليل هئڻ سبب پيش آيو، ريلوي کاتي جي نااهلي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ معمول بڻجي چڪو آهي. ٻئي پاسي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جيڪا 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندي..

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *