Friday , April 19 2024

گهوٽڪي: جنسي ڏااڍئي جو نشانو بڻيل ناري جي وارثن تي راڄوڻي لاءِ زور،قتل جون ڌمڪيون

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو – سنڌسماءَچار) گهوٽڪي جي ڳوٺ وريام چاچڙ جي رهواسڻ ناري سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ بااثر جوابدارن جي سهولتڪارن پاران معاملو راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪيس تان راڄوڻي ڪري هٿ کڻڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ  جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن. ڪجڳڳ ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي ڳوٺ وريام چاچڙ ۾ بااثر جوابدارن پاران پورهيت جي 14 ورهين جي نياڻي ثانيا چاچڙ سان زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن نينگري جي والد محمد نواز چاچڙ سميت ٻين گهر ڀاتين کي مختلف ذريعن سان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. نينگري جي والد جو چوڻ آهي ته بااثر جوابدارن جا بااثر سهولتڪار معاملو راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، ڪيس تان راڄوڻي ذريعي هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. محمد نواز چاچڙ جو چوڻ آهي ته هُو ڪنهن به صوورت ۾ ڪيس تان هٿ نه کڻندو، بااثر جوابدران سندس نياڻي جي زندگي تباهه ڪئي ۽ هاڻي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب سندس ڪٽنب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. نينگري جي والد ۽ ٻين گهر ڀاتين آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي اپيل ڪئي آهي ته هُو پاڻ مداخلت ڪري اسان کي تحفظ ڏياري ۽ راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهندڙ بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف گهوٽڪي جي سڄاڻ ڌرين پاران سنڌ سرڪار کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته نينگري ثانيا جي وارثن کي مڪمل تحفظ ڏئي کين انصاف ڏياريون وڃي ۽ راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهندڙ جوابدارن خلاف سهولتڪاري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

داد لغاري: اسان جو پي ٽي آءِ ڪو به واسطو ناهي: هالار پتافي

داد لغاري (عبدالحنان لغاري-سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي گهوٽڪي مان چونڊيل ايم پي اي امداد پتافي جي پٽ هالار پتافي چيو آهي ته سندن پي ٽي آءِ سان ڪو به واسطو نه آهي. سنڌ سماءَ چار داد لغاري جي عيوضي سان ڳالهائيندي هالار پتافي چيو ته، ڪجهه اخبارن خبرون آيون آهن، هن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙيون خبرون سراسر بي بنياد آهن ۽ انهن  ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي. هالار پتافي جو چوڻ هو ته سندس مرڻ جيئڻ پيپلز پارٽي سان آهي سندن ڪجهه مخالف اهڙي قسم جون بي بنياد خبرو هلرائي اسان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙا ماڻهو جيڪڏهن پنهنجون حرڪتون بند نه ڪيون ته سندن خلاف قانوني ڪارروائي به ڪري سگهجي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *