Friday , March 29 2024

گهوٽڪي: ايس ايس پي بنگش پوليس تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي جو خون لوڙهڻ ۾ ڪامياب؟؟

Abdul Razak Larik01

ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش، پوليس تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي عبدالرزاق لاڙڪ جو خون لوڙهڻ ۽ بااثر جوابدارن کي بچائڻ ۾ نيٺ ڪامياب ٿي ويو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش نوجوان جي قتل واري واقعي ۾ نامزد بااثر جوابدارن افضل مهر، ڪمليش ڪمار، هريش ڪمار ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جي جلاد صفت پوليس اهلڪار نواز شرکي اڻ سڌي طريقي سان آجو قرار ڏئي ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيي ۽ وڏي منشي رياض سيلري کي ملوث قرار ڏئي مقتول نوجوان جي ڪيس کي ڪمزور ڪري لوڙهڻ جي ڪوششن ۾ نيٺ ڪامياب ٿي ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ سان گڏجي ڏهرڪي ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل عبدالرزاق لاڙڪ جو هندو نوجوان ڪمليش ڪمار سان پئسن جي ڏيتي ليتي جو مسئلو هو، جيڪو ٿاڻي تي اچڻ بعد فريادي ۽ جوابدار ڌر وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو هو پر، ڏهرڪي پوليس کي رشوت جا پئسا نه ملڻ سبب ڏهرڪي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيي ۽ وڏي منشي رياض احمد سيلري رزاق لاڙڪ مٿان تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ قتل کي لڪائڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ منهنجي اجازت کانسواءِ فريادي ڪمليش کي ڏيکاري رزاق لاڙڪ مٿان چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي هئي. مقامي صحافين وٽان مليل ڄاڻ موجب  ايس ايس پي دعويٰ ڪئي آهي ته بعد ۾ فريادي ڌر جيڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، اها سياسي بنيادن تي ڪئي وئي. ان بابت آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي حڪم تي اي آءِ جي ولي الله دل جي اڳواڻي ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي، وڌيڪ جاچ جي رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي. مليل ڄاڻ موجب هن وڌيڪ چيو ته رزاق لاڙڪ واري معاملي کي سياسي رخ ڏنو پيو وڃي ۽ مون سميت ضلعي گهوٽڪي جي پوليس تي ونگار وهڻ جا الزام آهن پر ڪيس جي جاچ اسان وٽ نه هجڻ جي ڪري جاچ رپورٽ اچڻ کان اڳ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪري سگهندا آهيون پر هتان جا ڪجهه سياسي اڳواڻ اسان مٿان جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن، پر اسين ڪنهن جي ونگار نه وهي رهيا آهيون. اهي الزام غلط آهن.

پريس ڪانفرنس دوران ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ ٻڌايو ته رزاق جي ڪيس ۾ شاهدن وڌيڪ ٻن جوابدارن ڏهرڪي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيي ۽ وڏي منشي رياض سيلري جا نالا کولرايا آهن، جن کي پڻ ڪيس ۾ شامل ڪري جوابدار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هن ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي، هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار ضمانت تي آهن، جڏهن ته ڪمليش ڪمار جي ضمانت نه هجڻ ڪري اسان کيس گهر تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو گهر مان اڳ ۾ فرار ٿي چڪو هو، جڏهن ته ڪيس ۾ گرفتار ٿيل نواز شر 7 ڏينهن ۽ ٻيو هڪ پوليس اهلڪار صادق منگي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس   تحويل ۾ آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *