Thursday , April 18 2024

گهرو وزير وٽ اقامي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ سهيل انور سيال کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ اقامو رکڻ تي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 5 جون تي جواب جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، درخواستگذار جو موقف آهي ته، سهيل انور سيال وٽ يو اي اي جو اقامو آهي ۽ پرڏيهي ڪمپني کان پگهار به وٺندو رهيو آهي، اثاثن ۾ اقامو ظاهر نه ڪرڻ تي سهيل انور سيال کي نااهل قرار ڏئي 2018 جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي.

گهرو وزير سهيل انور سيال جي سياسي مخالف الهه بخش انڙ عرف ڏاڏو انڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، سهيل انور سيال وٽ يو اي اي جو اقامو آهي ۽ هو پرڏيهي ڪمپني کان پگهار به وٺندو رهيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته اثاثن ۾ اقامو ظاهر نه ڪرڻ تي سهيل انور سيال کي نااهل قرار ڏئي 2018 جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي. عدالت صوبائي گهرو وزير سهيل سيال ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيسز جاري ڪندي 5 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *