Friday , March 29 2024

گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ اربين رپين جي منصوبن جي مانيٽرنگ ڪير ڪندو ڪا خبر ناهي..!!

CMlarkano swage water

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪوٽڙي، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قاسم آباد ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن مان گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزير اعلي ٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس دوران عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪوٽڙي، لاڙڪاڻي، سکر ۽ شڪارپور ۾ شهرن جو گندو پاڻي واهن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي پاڻي شهرين کي پيئڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو وڏي وزير سيوريج نظام جي بهتري لاءِ فنڊز جي منظوري ڏني، ڪوٽڙي لاءِ 35 ملين، شڪارپور لاءِ 505 ۽ سکر جي ڊرينيج نظام جي بهتري لاءِ 1406 ميلن رپين جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران لاڙڪاڻي لاءِ 1400ملين، قاسم آباد لاءِ 1238 ملين ۽ حيدر آباد جي ٻين علائقن لاءِ 1280 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ گندي ۽ زهريلي پاڻي جي نيڪال لاءِ به ٺوس اپاءُ وٺڻ جون هدايتون ڏنيون

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *