Friday , March 29 2024

گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جي رپورٽ تي عمل ڪرائڻ کان لاچار آهيان: جسٽس (ر) جاويد اقبال

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) ملڪ جي مختلف علائقن مان مبينا طور تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي جاچ بابت جوڙيل ڪميشن جي سربراهه ۽ هاڻوڪي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته، ڪميشن جي رپورٽ تي عمل ڪرائڻ کان بيوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته، کنڀي گم ڪيل ماڻهوبازيابي بعد، گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ وقت سچي ڳالهه نه ٿا ڪن، ممڪن آهي ته گهر ۾ سچ ڳالهائيندا هجن. اڳي ”انصاف سڀني جي لاءِ جو نعرو هوندو هو پر هاڻي احتساب سڀني لاءِ “ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شريف ڪٽنب جي خلاف ڪيسن جي نگراني پاڻ ڪندس.

ملڪ جي مختلف علائقن مان گم ٿي ويل ماڻهن واري مامري جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، جيڪڏهن ڪميشڻ جي رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي ته، شايد اسي سيڪڙو مسئلا حل ٿي وڃن. هن چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن تي اڳوڻي وزيراعظم کي بريفنگ ڏنم پر ان وقت مونکي احساس ٿيو ته هو/ وزيراعظم ڪنهن ٻي سوچ ۾ گم آهي. اها رپورٽ ائين الماري ۾ وئي جو سج جي روشني نه ڏسي سگهي آهي. جسٽس جاويد اقبال جو چوڻ هو ته، حمود رحمان سميت سمورن ڪميشنز جي رپورٽ پڌري ٿيڻ گهرجي. سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جي سربراهه ۽ نئين مقرر ٿيل نيب چئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال بريفنگ ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪل 3429 واقعا سامهون آيا،2899 ڪيس اڪلايا ويا.

جسٽس جاويد اقبال چيو ته، ته بلوچستان مان لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهتل ماما قدير چيو ته 25 هزار ماڻهو گم آهن اسان کيس چيو ته انهن جا نالا ڏي. ميڊيا ماما قدير جي ڏنل انگ اکرن جي غلط ڪوريج ڏني. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران گمشدگي جا سٺ واقعا سامهون آيا آهن، جاويد اقبال چيو ته پرويز مشرف دهشتگردي جي الزام ۾ چار هزار پاڪستانين  کي غير ملڪين حوالي ڪيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ۾ به ڪيو آهي،هن چيو ته ڪهڙي قانون تحت انهن پاڪستانين کي پرڏيهين حوالي ڪيو ويو؟ ڇا پارليامينٽ يا ڪنهن ٻئي پرويز مشرف کان انهي حوالي سان پڇاڻو ڪيو آهي؟ سياستدانن جو احترام ڪريان ٿو پر هنن گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان اڄ تائين ڪجهه نه ڪيو آهي،پارليامينٽ کي قانوني خال ڀرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جو سربراهه آهيان جيستائين انهي ڪميشن جي رپورٽ سامهون نه ٿي اچي تيستائين انهي جو سربراهه رهندس. ڪميشن جي رپورٽ کي پڌرو ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪميشن جي سربراه طور منهنجي اختيارن جي به هڪ حد آهي، ملڪ جي ڪا ايجنسي اهڙي ناهي جيڪا ڪميشن جي سامهون پيش نه ٿئي،آئي ايس آئي ۽ ايم آئي اي جي جن آفيسرن کي جڏهن گهرايو ويو تڏهن اهي ڪميشن آڏو پيش ٿيا،اهي ادارا بهتر ڪم ڪري رهيا آهن،اين جي اوز طرفان الزام لڳائڻ آسان ڪم آهي،جاويد اقبال ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پختونخواهه ۽ بلوچستان مان لاش ملڻ جو واقعو سامهون نه آيو آهي،هن چيو ته پنجاب ۾ ماڻهن جي گمشدگي جا واقعا وڌي رهيا آهن، هن وقت صوبي مان 247 ماڻهو گم آهن، سنڌ مان 115 ماڻهو گم آهن، هن چيو ته چچريل لاشن جي حوالي سان بلوچستان هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺهيو انهي جي رپورٽ کي شائع ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *