Tuesday , April 16 2024

گمبٽ ۾ وحشين پورهيت نينگر کي حوس جو نشانو بڻائي ڦاهو ڏئي ماري ڇڏيو

خيرپور( رپورٽر    سنڌسماءَچار) گمبٽ ڀرسان ٽائرن جي دڪان مان 13 ورهين جي پورهيت نينگر جو ڦاهو لڳل لاش هٿ، گمبٽ ۽ کهڙا پوليس پاران حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار بعد وارثن جو احتجاج، متاثر ڌر چيو آهي ته نينگر ٽائرن جي دڪان تي پورهيو ڪندو هو، کيس ڏاڍائي ۽ تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي. گمبٽ ۾ پورهيت نينگر جو ٽائرن جي  دوڪان مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن نينگر کي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. قومي شاهراهه تي ڪسان ڪالوني جي رهواسي 13 ورهين جي بلاول عرف راجا ڪوري جو ٽائر پنڪچر جي دوڪان مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو. وارثن موجب نينگر دوڪان تي ڪافي عرصي کان پنڪچر ڳنڍڻ جو پورهيو ڪندو هو. اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جي وارثن اسپتال ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته گمبٽ ۽ کهڙا ٿاڻن جي پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي ڪيس داخل نه  پئي ڪري. هنن چيو ته نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف فراهم ڪيو وڃي. متاثر ڌر پوليس جي خاطري بعد نينگر جو لاش اسپتال مان گهر کڻائي رواني ٿي وئي، جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾خوف  حراس ڇانيل آهي.

ٻئي طرف آءِ جي سنڌ امجد جاويد گمبٽ ۾ دڪان مان نينگر جي لاش هٿ اچڻ واري معاملي بابت ميڊيا رپورٽس جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي ايس ايس پي خيرپور کي واقعي بابت جاچ جو حڪم ڏيندي متاثر ڪٽنب کي انصاف فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *