Wednesday , April 24 2024

گذريل عام چونڊنڊن ۾ پ پ کي مليل مينڊيٽ جي تڪ وار حقيقت..! – سهيل ميمڻ

سهيل ميمڻ suhail

 گذريل عام چونڊنڊن ۾ پ پ کي مليل مينڊيٽ جي تڪ وار حقيقت..! 

سنڌ ۾ مينڊيٽ بابت ڇا اها حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي ته 2013ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جي قومي اسيمبلي جي 61 جنرل سيٽن تي پيپلز پارٽي جا ووٽ 34 لک 87 هزار 299 آهن ۽ پيپلز پارٽي کي نه ملندڙ ووٽن يعني ٻين پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جي ووٽن جو تعداد 64 لک 4 هزار 689 آهي. ڪراچي جون 20 سيٽون ڪڍي باقي سنڌ جي 41 سيٽن جو حساب ڪتاب به اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته ڪهڙو مينڊيٽ، ڪٿان جو مينڊيٽ، جو پيپلز پارٽي ان کي بنياد بڻائي سنڌ جي مبينا لٽ مار ڪئي آهي. 2013ع جي اليڪشن ۾ ڪراچي کان ٻاهر وارين قومي اسيمبليءَ جي 41 جنرل  سيٽن تي پيپلز پارٽيءَ مجموعي طور 31 لک 90 هزار 825 ووٽ کنيا آهن ۽ سندس مخالف اميدوارن جا گڏيل ووٽ 32 لک 7 هزار 534 آهن. تازو سنڌ جي وزير اعليٰ مراد علي شاهه فرمايو آهي ته، اسان جي ڪارڪردگي جي ڪري اسان کي سنڌ جو عوام تمام وڏو مينڊيٽ ڏيندو آهي، اهو ئي سبب هو جو 2013ع ۾ اسان کي 2008ع کان به وڌيڪ ووٽ مليا. مان سندس ان بيان تي ان لاءِ حيران ٿيس، جو 2008ع جون چونڊون بينظير ڀٽو جي شهادت کان ترت پوءِ ٿيون هيون. ان وقت پيپلز پارٽي کي جيڪو ووٽ ملي پئي سگهيو، اهو پيپلز پارٽي کي شايد ڪڏهن نه ملي سگهي، پر پو به 2013ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي بينظير جي شهادت واري اليڪشن کان به وڌيڪ ووٽ کنيا ته پوءِ صاف ظاهر آهي ته 2013ع جي اليڪشن ۾ شايد ”فرشتن“ ووٽ وڌا هوندا. 2010ع جي مها ٻوڏ ۽ 2011ع جي برساتن جي تباهيءَ بعد سنڌ حڪومت جيڪا سنڌ جي عوام سان تعدي ڪئي، ان کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت واري ووٽ ۾ کوٽ هجڻ گهرجي ها، نه ڪي واڌ-

صرف  وزير اعليٰ ئي نه، پر پيپلز پارٽيءَ جي هر ننڍي وڏي ليڊر وٽ اهو اسٽيريو ٽائيپ بيان موجود آهي ته سنڌ جي عوام اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، اسان جي مرضي جيئن وڻي، تيئن حڪمراني ڪريون. پ پ ئي نه، پر ان جي ”سهولتڪار“ ليکڪن، صحافين ۽ دانشورن هر پليٽ فارم تي هر ليک ۾، هر اسٽيج تي اها ڳالهه بار بار ورجائي آهي ته، سنڌ صرف پيپلز پارٽي جي آهي، ٻين کي ووٽ ئي ناهن ملندا. 2013ع جي چونڊن جي نتيجن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ مون کي ان سوال جو جواب به ملي ويو ته هر قسم جي ڀوتاري طاقت هجڻ جي باوجود آصف علي زرداري کي ڪهڙي ضرورت محسوس ٿي، جو هو انهن ماڻهن کي به ڀاڪر پائي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪري، جيڪي شايد ڪنهن وقت يا هاڻي به کيس ڏٺي نه وڻندا هوندا. مون کي اها به حيرت ٿي ته پيپلز پارٽي، جيڪا سنڌ ۾ پنهنجي بي مثال مقبوليت جي دعويٰ ڪندي سنڌ جي ڀينگ ڪرڻ واري عمل کي عوام جي ووٽ حاصل هجڻ سان ڳنڍي سنڌ تباهه ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهندي آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي ڪيترين ئي سيٽن تي تمام مشڪل سان چونڊون کٽيون آهن. ڪافي تڪن تي جيڪڏهن ساڻس مقابلي وارا ٻيون ۽ ٽيون نمبر وارا اميدوار پاڻ ۾ ڏئي وٺي چونڊ اتحاد ڪن ها ته پيپلز پارٽي سنڌ اندر 2013ع جي انهن چونڊن ۾ ڪافي سيٽون هاريل هئي. سنڌ ۾ سڌيءَ ريت اليڪشن لاءِ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو ڪل انگ 61 آهي، جنهن مان ڪراچيءَ جون 20 سيٽون آهن، جن مان 17 ايم ڪيو ايم کنيون. ايم ڪيو ايم به مينڊيٽ جو رينگٽ ڪندي آهي، پر سڀني کي خبر آهي ته سندن مينڊيٽ ڪيئن حاصل ٿيندو رهيو آهي. باقي بچيل ٽن سيٽن مان هڪ پيپلز پارٽي کٽي، ٻي تحريڪ انصاف ۽ ٽئين مسلم ليگ جي حڪيم بلوچ کٽي هئي، جيڪو تازو پيپلز پارٽيءَ ۾ هليو ويو ۽ ساڳي سيٽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ وٽ آئي. ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي بچيل سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي 41 جنرل سيٽن مان پيپلز پارٽي سيٽون ته 29 کنيون آهن، پر اهي ڪيتري فرَق سان کٽيون آهن، ان لاءِ هڪ هڪ سيٽ جو جائزو ٿا وٺون جيئن خبر پوي ته جنهن مينڊيٽ جي آڌار تي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مبينا ڪرپشن جي بازار مچائي ڀينگ ڪئي آهي، ان جي اصل حقيقت ڇا آهي؟

PPP flag

واضح رهي ته 2013ع جي چونڊن جو اهو نتيجو ان نگران حڪومت جي نگرانيءَ ۾ ٿيل چونڊن جو نتيجو آهي، جيڪي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي مقرر ڪيل نگران وزير اعليٰ زاهد قربان علوي جي حڪومت هيٺ ٿيون هيون. ان جو ڪردار پڻ تڪراري رهيو. زاهد قربان علوي کي جنهن وقت نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو، ان وقت اڳ ۾ ئي هو حڪومتي عهدي تي چيئرمين سنڌ لينڊ ڪميٽي مقرر ٿيل هو. پيپلز پارٽي پاران ٺاهيل سندن مرضي جي نگران حڪومت، جنهن کين  چونڊن ۾ مڪمل مدد ڪئي، ان باوجود پيپلز پارٽي جيڪي ووٽ 2013ع ۾ کنيا، اهي صاف ٻڌائن ٿا ته سنڌ جي ماڻهن تي اهو غلط الزام آهي ته هو پيپلز پارٽيءَ کي ئي ووٽ ڏيندا آهن، ڀلي انهن کي پ پ گٽر جو پاڻي پياري- سنڌ جي اڪثريت پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو ڪٿي آهي؟ ان جو ثبوت اليڪشن ڪميشن جا هيٺيا انگ اکر آهن-

اين اي 198 سکر ون: اها سيٽ پيپلز پارٽي جي نعمان اسلام الدين شيخ 52684 ووٽ کڻي کٽي آهي. ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون نمبر اميدوارن جا گڏيل ووٽ 53865 آهن، يعني پيپلز پارٽي جي کٽيل اميدوار کان به وڌيڪ آهن. اڃان به اڳتي وڌي پندرنهن اميدوارن جا ووٽ ڳڻجن ته مجموعي طور تي 74865 ووٽ ٿين ٿا. معنيٰ پيپلز پارٽي جي ووٽن کان 21 هزار وڌيڪ ووٽ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ پيا.

اين اي 198 سکر ٽو: اها سيٽ سيد خور شيد شاهه 85120 ووٽ کڻي کٽي. سندس مخالف فنڪشنل مسلم ليگ جي عنايت ٻرڙو 52118 ووٽ کنيا. تڪ جو هر ماڻهو حيران آهي ته عنايت ٻرڙو ايترا ووٽ ڪيئن کنيا، ڇاڪاڻ جو پير پاڳاري جا مريد ان تڪ ۾ آهن ضرور، پر ايڏا ناهن. اتي 12 هزار کن ووٽ ٻين اميدوارن به کنيا آهن. معنيٰ ته پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ ان تڪ تي 63 هزار ووٽ پيا آهن.

اين اي 200 گهوٽڪي: اتي پيپلز پارٽي جي علي گوهر مهر 86579 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻي نمبر تي آزاد اميدوار خالد لُنڊ 76615 ووٽ کنيا. پنج هزار ووٽ پنج ٻين اميدوارن به کنيا آهن. مقابلو سخت هو، اهو ئي سبب آهي، جو پيپلز پارٽي خالد لُنڊ کي به پاڻ وٽ آڻي سيٽ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اين اي 201 گهوٽڪي: پيپلز پارٽي پاران علي محمد مهر اها سيٽ 124472 ووٽ کڻي واضح اڪثريٽ سان کٽي.

اين اي 202 شڪارپور: اها سيٽ پيپلز پارٽيءَ جي آفتاب شعبان ميراڻي 54015 ووٽ کڻي کٽي. ٻئين نمبر جي اميدوار ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي 53785 ووٽ کنيا. معنيٰ پيپلز پارٽي صرف 230 ووٽ مٿي کنيا. ان تڪ تي پ پ سامهون بيٺل ٻين اميدوارن جا ووٽ به ڳڻجن ته مجموعي طور 84 هزار ووٽ ٿين ٿا. معنيٰ پيپلز پارٽي جي کٽيل اميدوار جي ووٽن کان به 30 هزار وڌيڪ ووٽ پ پ جي مخالفت ۾ پيا.

اين اي 203 شڪارپور: اها سيٽ مسلم ليگ فنڪشنل جي غوث بخش مهر 77165 ووٽ کڻي کٽي. پيپلز پارٽي جي اميدوار 41919 ووٽ کنيا.

اين اي 204 لاڙڪاڻو ون: پيپلز پارٽي جو اياز سومرو 50128 ووٽ کڻي کٽيو. ٻئين نمبر تي مسلم ليگ فنڪشنل جي مهتاب اڪبر راشدي 32006 ووٽ کنيا، ٽئين نمبر تي آزاد اميدوار معظم علي 28745 ووٽ کنيا. معنيٰ هاريل ٻنهي اميدوارن جا پ پ جي ڪامياب اميدوار کان 10 هزار ووٽ وڌيڪ آهن. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته لاڙڪاڻي جي ان تڪ تي پيپلز پارٽي کي 50 هزار 128 ووٽ پيا ته مخالفت ۾ 82132 ووٽ پيا.

اين اي 205 لاڙڪاڻو ٽو: اها سيٽ پيپلز پارٽي جي نذير ٻگهيو 65720 ووٽ کڻي کٽي. سندس برتري واضح رهي، پر پو به پيپلز پارٽي جي مخالفن 48300 ووٽ ان تڪ تي کنيا.

اين اي 206 لاڙڪاڻو ٿري: اها سيٽ پيپلز پارٽي جي عامر مگسي 87279  ووٽ کڻي کٽي. سندس برتري واضح رهي، پر اتي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اميدوار اصغر شاهه راشدي کي 22100 ووٽ مليا.

اين اي 207 لاڙڪاڻو فور: اتي فريال ٽالپر 83916 ووٽ کنيا. پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي غنويٰ ڀٽو 28191 ۽ جي يو آءِ جي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو 20478 ووٽ کنيا. ڪجهه ٻين اميدوارن جا ووٽ ملائجن ته ان تڪ تي پيپلز پارٽي مخالفن 58 هزار کن ووٽ کنيا.

اين اي 208 جيڪب آباد ون: اعجاز جکراڻي پيپلز پارٽي پاران ان تڪ تي 51246 ووٽ کڻي کٽيو. مسلم ليگ نواز جي الاهي بخش سومرو 45750 ووٽ کنيا ۽ تحريڪ انصاف 7212 وٽ کنيا. مجموعي طور ان تڪ تي پيپلز پارٽيءَ جا 51246 ووٽ ٿيا ته ان جي سامهون بيٺل اميدوارن جا ووٽ 61 هزار کان وڌيڪ آهن.

اين اي 209 جيڪب آباد ٽو: پيپلز پارٽي پاران ان تڪ تي شبير بجاراڻي 54881 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ٻي نمبر تي فنڪشنل جي مير حسن کوسو 45660 ووٽ کنيا. اهڙا 3 هزار ووٽ ٻين اميدوارن  به کنيا.

اين اي 210 جيڪب آباد ٿري: پ پ جو احسان مزاري 55808 ووٽ کڻي کٽيو. ان جي برتري واضح هئي، پر مجموعي طور سندس پهرين پنج مخالفن جا ووٽ 41 هزار کن پيا.

اين اي 211 نوشهرو فيروز ون: اين پي پي جي مرتضيٰ جتوئي 83355 ووٽ کڻي اها سيٽ کٽي. پيپلز پارٽي جي آفتاب راجپوت 67224 ووٽ کنيا.

اين اي 212 نوشهرو فيروز ٽو: اها سيٽ پ پ جي اصغر شاهه 93 هزار 492 ووٽ کڻي کٽي. سندس پهرين پنجن مخالفن جا گڏيل 92 هزار ووٽ پڻ اهو ٻڌائين ٿا ته اتي به پ پ آسانيءَ سان ناهي کٽيو.

اين اي 213 نوابشاهه ون: ڊاڪٽر عذرا پيچوهو 113199 ووٽ کڻي واضح اڪثريت سان کٽيو. پوءِ به اتي پيپلز پارٽي سامهون بيهندڙ پهرين پنجن اميدوارن جا گڏيل ووٽ 85 هزار جي لڳ ڀڳ آهن.

اين اي 213 نوابشاهه ٽو: پ پ جو غلام مصطفيٰ شاهه 135502 ووٽ کڻي واضح اڪثريت سان کٽيو. اتي پيپلز پارٽي مخالفن کي به 45 هزار ووٽ پيا.

سڀاڻي واري مضمون ۾ سنڌ جي باقي رهجي ويل تڪن جي ووٽن جو جائزو وٺبو، جنهن کانپوءِ آسانيءَ سان هرڪو سمجهي سگهندو ته پيپلز پارٽيءَ جي تڪ وار مينڊيٽ جي حقيقت ڇا آهي؟

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *