Friday , March 29 2024

ڪي پي ٽي ۾ بابر غوري جي چوڻ تي غير قانوني ڀرتيون ڪندڙ اڳوڻو چيئرمين گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب ڪراچي پورٽس اينڊ شپنگ ۾ 940 غير قانوني ڀرتين جي الزام هيٺ اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف کانپوءِ ڊائريڪٽر گوادر محمد سپارس کي به گرفتار ڪري ورتو، ٻنهي جوابدارن تي اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري سان گڏجي دهشتگردي ۽ ڀتاخوري ۾ ملوث ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جا الزام آهن. نيب اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري سان گڏجي  ڪي پي ٽي ۾ دهشتگردن کي ڀرتي ڪرڻ  جي الزام هيٺ ڪي پي ٽي عملدار محمد سپارس کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار پورٽس اينڊ شپنگ جي وزارت ۾ گوادر جي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو هو. عملدار تي بابر غوري جي هدايت تي ڪي پي ٽي ۾ دهشتگردن سميت  940 ملازم ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي . ان کان اڳ نيب، ڪرپشن ۽ اختيار اورانگهڻ جي الزام هيٺ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف کي گرفتار ڪري ورتو، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار غير قانوني ڀرتي ڪري قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان پهچايو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جاويد حنيف جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي نيب جو چوڻ آهي ته ڪي پي ٽي ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن مان اڪثر ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن، جڏهن ته جاويد حنيف قومي ناڻي کي 2 ارب 80 ڪروڙ روپين جو نقصان پهچايو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *