Friday , March 29 2024

ڪي اليڪٽرڪ جو پهريون خريدار ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان فلاحي ادارو هلائيندڙ عارف نقوي فراڊ ڪيس ۾ گرفتار

لنڊن (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن (ڪي اي ايس سي) خريد ڪندڙ ڪنسوريشيم ابراج گروپ جو مالڪ ۽ سڀ کان وڏو حصيدار ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان هڪ فلاحي ادارو هلائيندڙ عارف نقوي لنڊن ۾ گرفتار، حسن نقوي کي 18 اپريل تي برطانوي ويسٽ منسٽر ڪورٽ ۾ پيش ڪري وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪيو ويندو. برطانيا ۾ ميٽرو پوليٽن پوليس ابراج گروپ جي سربراهه عارف نقوي کي پنهنجي ڪمپنين ۽ ڪنسوريشيم ابراج ۽ ان جي ماتحت ڪمپنين ذريعي سيڙپڪارن سان دوکي جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تان گرفتار ٿيل عارف نقوي کي 18 اپريل تي عدالت ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو ويندو. حسن نقوي ڪي اليڪٽرڪ (اڳوڻي ڪي اي ايس سي) جي پهرين خريدار ڪنسوريشيم ابراج گروپ جو مالڪ رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب عارف نقوي جي ساٿي عبدالودود کي به امريڪا ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. خابرو اداري جي رپورٽ مطابق حسن نقوي ۽ عبدالودود تي الزام آهي ته هنن هزارين ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري جو غلط استعمال ڪيو. عارف نقوي تي الزام آهي ته فنڊز ابراج گروپ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ بعد سندس ذاتي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا ۽ سيڙپڪارن کي ان کان آگاهه نه ڪيو ويو. ابراج گروپ 2009ع ۾ هڪ ڏهائي 4 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري سان ڪي اليڪٽرڪ جا سڀ کان وڌيڪ شيئرز خريد ڪري انتظامي اختيار حاصل ڪيا هئا. جڏهن ابراج گروپ مالي بحرانن جو شڪار ٿيو ته ڳالهيون سامهون آيون ته ابراج گروپ پنهنجا 66 سيڪڙو شيئر هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالرز ۾ چين جي شنگهائي اليڪٽرڪ ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

حسن نقوي کي گذريل حڪومتي دور دوران ستارهِ امتياز سان به نوازيو ويو ۽ هو امن فائونڊيشن نالي سان فلاحي ادارو پڻ هلائي رهيو آهي. امن  فائونڊيشن سان ايمبولينسز سروسز ۽ ٻين فلاحي ادارن ۾ سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان ڪيترائي منصوبا هلندڙ آهن. لنڊن پوليس جي ترجمان لنڊن جو چوڻ آهي ته عارف نقوي کي ريمانڊ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو آهي ۽ کيس 18 اپريل تي وڊيو لنڪ ذريعي برطانيه جي ويسٽ منسٽر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *