Friday , March 29 2024

ڪوٽڙي جي نجي اسڪول ۾ ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ سبب شاگرد فوت

حيدر آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڪوٽڙي جي نجي اسڪول ۾ ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ سبب بيهوش ٿيل شاگرد اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته، حمزه علي صبح جو اسڪول ويو، جتان اطلاع مليو ته هُو بيهوش ٿي ويو هو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو هو. ڪوٽڙي واسي 13 سالن جو شاگرد حمزه علي ملاڻو حلال احمر اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو.  نينگر جي والدين جو چوڻ آهي ته، حمزه علي جمعي ڏينهن اسڪول ويو هو، جتان منجهند جو اطلاع مليو ته حمزه علي بيهوش ٿي ويو آهي. وارثن جو چوڻ هو ته هنن فوري طور تي پهچي حمزه علي کي حلال احمر اسپتال پهچايو جتي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد کيس اسرا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج دوران فوت ٿي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

قمبر ۾ گهر تي حملو، ناري اغوا، نوجوان مرڻينگ

قمبر(رپورٽر  سنڌسماءَچار) قمبر ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا، فائرنگ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *