Friday , March 29 2024

ڪوئيٽا ۾ هڪ ئي ڏينهن دهشتگردي جا 2 واقعا، 9 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪوئيٽا هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي ور چڙهي ويو، شاهه زمان ۽ قمبراڻي روڊ تي فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. شاهه زمان روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن چنگچي رڪشا تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪرسچن ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ٻارڙي زخمي ٿي پئي.واقعي بعد رضاڪارن پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ٻارڙِي کي اسپتال منتقل ڪيو.واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ پرويز، فردوس، ڪامران ۽ طارق جي نالن سان ٿي آهي، جن جو تعلق ڪرسچن ڪميونٽي سان ٻڌايو پيو وڃي. ان کان اڳ قمبراڻي روڊ تي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ بعد مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڌڻي حوالي ڪيو.مارجي ويلن ۾ 55 ورهين جو غلام رسول بنگلزئي، 30 ورهين جو بشير احمد ۽ ٻيا شامل آهن. واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو. پوليس موجب واقعوپراڻو تڪرار لڳي ٿو، جنهن جي هر رخ جاچ ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *