Thursday , April 18 2024

ڪوئيٽا ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 32 ڄڻا شهيد، 35 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي نادرن باءِ پاس واري علائي ۾ پولنگ اسٽيشن ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي ۾ 5 پوليس اهلڪارن سوڌو 32 ڄڻا شهيد ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ۽ ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما معجزاڻي طور محفوظ رهيو. شهيدن جا مڙهه ۽ زخمي کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اين اي 266 جي علائقي مشرقي باءِ پاس تي پولنگ اسٽيشن ويجهو پوليس اهلڪارن تي آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 32 ڄڻا جن ۾ 5 پوليس اهلڪار به شامل آهن. آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيا آهن. ڌماڪي ۾ ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما محفوظ رهيو. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *