Tuesday , April 23 2024

ڪوئيٽا جي چرچ ۾ آپگهاتي ڌماڪو،2عورتن سميت 7 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي قائم قديمي چرچ ۾ مذهبي تقريب دوران چرچ ٻاهران بم ڌماڪي ۾ ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا، رسيڪيو ذريعن موجب مارجي ويلن جي انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڌماڪي سبب علائقي ۾ خوف/ڊڄ وارو ماحول ڇائنجي ويو. سيڪيورٽي اهلڪارن ڌماڪي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.

ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي آچر جي ڏينهن عيسائي برادري جي خصوصي عبادت واري موقعي دهشتگردن پاران چرچ جو نشانو بڻايو. آءِ جي بلوچستان جو چوڻ آهي ته، 4 دهشتگردن چرچ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن ٻنهي آپگهاتي بمبارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي آءِ جي بلوچستان وڌيڪ چيو ته، سيڪيورٽي فورسز3 دهشتگردن کي تڪڙي ڪارروائي ڪندي ماري وڌو ۽ هڪ دهشتگرد پاڻ کي چرچ جي مک دروازي وٽ ئي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڊان ٽي وي موجب دهشتگردن جي تعداد بابت اڃا تائين تڪراري بيان آهن، ڪجهه جو چوڻ آهي ته دهشتگرد 4 هئا ۽ ڪجهه جو چوڻ آهي ته دهشتگرد 2 هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *