Friday , March 29 2024

ڪنڌڪوٽ: ڪچي ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد،عورت سميت 3 اهلڪار زخمي

ڪنڌڪوٽ: ڪچي واري علائقي ۾ مقابلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي، سڄي ضلعي جي نفري طلب ڪري آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته آخري ڏوهاري جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ڀنگوار برادري جي مينهن چوري ٿيڻ بعد پوليس چورن جا پيرا کڻي ڪچي ۾ پهتي ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار صادق باجڪاڻي شهيد ٿي ويو. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او ڪچو ڪيٽي شبير مغيري، ذاڪر بڊاڻي ۽ علي محمد سومرو سميت هڪ عورت صدوري زخمي ٿي پيا، جن کي ڪنڌڪوٽ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. زخمين مان ايس ايڇ او جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪارن جي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند به زخمي ٿي پيو، جن کي ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. هٿياربند پوليس جي هڪ موبائل ۽ 4 موٽر سائيڪل به ڪاهي ويا، جنهن بعد سڄي ضلعي جي نفري طلب ڪري آپريشن تيز ڪيو ويو، جنهن لاءِ بڪتر بند گاڏيون به استعمال ڪيون پيون وڃن. ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ فدا حسين جانوري جو چوڻ آهي ته آپريشن جي نتيجي ۾ ڏوهارين جا 8 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه شڪي ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته، آپريشن آخري ڏوهاري جي خاتمي تائين جاري رهندو، جنهن لاءِ پوليس آخري حد تائين به ويندي، ڪنهن به ڏوهاري سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *