Thursday , March 28 2024

ڪنڌڪوٽ جي خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي جي لاپرواهي، ويم دوران ٻارڙو فوت

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڪنڌڪوٽ ۾ نجي اسپتال ۾ ويم دوران آپريشن ڪندي ڊاڪٽرياڻي ٻارڙي جو پيٽ ڪپي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرياڻي تي غلط آپريشن ڪرڻ جو الزام هڻندي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرياڻي خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

 ڪنڌ ڪوٽ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ويم لاءِ داخل ڳوٺ ڳهڙو کوسو واسڻ مسمات حسينا جو ڊاڪٽرياڻي آپريشن دوران مبينا لاپرواهي ڪندي ٻارڙي جو پيٽ به ڪپي ڇڏيو. آپريشن دوران ٻارڙي جو پيٽ ڪپجڻ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو. عورت جي وارثن ڊاڪٽرياڻي جي مبينا لاپرواهي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته، ويم لاءِ ڊاڪٽر نسرين جي اسپتال ۾ ڳورهاري عورت مسمات حسينا کي داخل ڪيو، جنهن بعد ڊاڪٽرياڻي چيو ته ويم آپريشن ذريعي ئي ٿيندو. هنن چيو ته سيزر دوران ڊاڪٽرياڻي ٻارڙي جو پيٽ به ڪپي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو. هنن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هاڻي ڊاڪٽرياڻي نسرين پاڻ فون ڪري ۽ پوليس جي ذريعي خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن چيو ته آپريشن دوران تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت جي حالت پڻ خراب ٿي وئي. عورت جي وارثن نور الدين بهلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي پاران غلط آپريشن ڪرڻ سبب سندن معصوم ٻارڙو فوت ٿيو آهي.

هنن چيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوار ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻئي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي اطلاع تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي معلومات ورتي ۽ فوت ٿيل معصوم ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سرڪاري اسپتال موڪليو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *