Friday , April 19 2024

“ڪنهن وزير جي خواهش تي ڪنهن کي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي”: نئب چيئرمين

نئب چيرمين فواد چوڌري جي بيانن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

لاهور(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”اسان ڪنهن به وزير م،وصوف جي بيان يا خواهش تي، ڪنهن کي گرفتار نه ٿا ڪري سگهون پوءِ اهو آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر يا وري مراد علي شاهه ڇو نه هجي“، اهو چوڻ آهي نئب چئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو. نئب  ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نئب چيئرمين؛ سڌ سماءُ واري وزير فواد چوڌري جي ن بيان ته ”آصف، فريال، بلاول ۽ مراد علي شاهه کي ڇو نه گرفتار ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ ۾ چورن جو اجلاس هو نئب ڇاپو هڻي سڀني کي گرفتار ڪري ها“، جي رد عمل ۾ چيو آهي ته، اهو ياد رکيو وڃي ته نئب ڪنهن به وزير جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لالءِ ڪنهن گرفتار نه ٿو ڪري سگهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته، جي آءِ ٽي رپورٽ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي قانون پنهنجو دڳ پاڻ ٺاهي وٺندو. عدالتي حڪم جي سرٽيفائيڊ ڪاپي ملڻ کانپوءِ ان جي روشني ۾ قانون پنهنجو دڳ پاڻ ٺاهي وٺندو، قانون سيکارڻ يا قانون ياد ڏيارڻل لاءِ نئب کي سمجهائڻ جي ضرورت ئي نه آهي. نئب ترجمان نئب جي سست رفتاري واري الزام کي رد ڪندي چيو ته، ڪنهن وزير جي چوڻ تي مراد علي شاهه کي به گرفتار نه ڪنداسين. سست رفتار واري تاثر کي به رد ڪريون ٿا. نيب ترجمان وڌيڪ چيو ته نيب هر قسم جي دٻاءُ کي به رد ڪري ٿو. جاچ صرف آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ڪندا آهيون. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، نئب چيئرمين جي هدايتن تي وفاقي وزير جي بيانن جو رڪارڊ پيمرا کان گهرايو ويو آهي، انهن بيان جو تفصيلي جائوزو ورتو ويندو ته، ڪٿي سندس بيان نئب تي اثرانداز ٿيڻ يا دٻاءُ وجهڻ جي ته ڪوشش نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *