Friday , March 29 2024

ڪنب ڀرسان سياسي پٺڀرائي رکندڙ جوابدار گهر ۾ گهڙي 13 ورهين جي نينگري کي گولين جي بک بڻائي ڇڏيو

ڌيءُ اغوا ٿي هئي، منظور وساڻ ۽ نواب وساڻ ڏي ويس ۽ ڌيءُ واپس ملي: نينگري جي امڙ

جوابدار ذوالفقار وساڻ بااثر ۽ ڏوهاري آهي، اسان کي قتل نه ڪري ڇڏي: مسمات خورشيد وساڻ

بي رحمي سان قتل رمشا وساڻ جي امڙ(فوٽو سنڌسماءَچار)

ٺري ميرواهه/ ڪوٽڏيجي (رپورٽرز سنڌسماءَچار ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ نواب وساڻ ۾ بااثر ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ وحشي صفت جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي 13 سالن جي نينگري کي گولين جي بُک بڻائي انسانيت لڄائي ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، نينگري امڙ چيو آهي ته سندس ڌيءُ کي جوابدار ذوالفقار وساڻ اغوا ڪري ويو هو، منظور وساڻ ۽ نواب وساڻ ڏانهن پاڪ ڪتاب کڻي ويس ان واپس ڪرائي، اسان جوابدار خلاف بيان ڏيڻ چاهيو جنهن تي ذوالفقار گهر ۾ گهڙي کيس قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ منظور وساڻ ۽ نواب وساڻ ميڊيا سامهون اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار منظور وساڻ جو ويجهو مائٽ آهي.  سنڌسماءَچار جي ٺري ميرواهه مان خاص نمائندي جي رپورٽ موجب ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ نواب وساڻ ۾ ڏينهن ڏٺي جو 5 هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي نينگري رمشا وساڻ مٿان ڪلاشنڪوف جو برسٽ هلائي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد ڀڄي ويا آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار ڪراچي ڀڄي ويو آهي. نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سندس پيءُ پرويز وساڻ ڪنب ٿاڻي تي ويو هو، جيڪو ٿاڻي تي پهچڻ کان پوءِ گم آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته بااثر سياسي ماڻهن جي مداخلت تي نينگري جي والد کي حراست ۾ وٺي جوابدار ڌر جي سهولتڪاري ڪندڙن وٽ پيش ڪيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته رمشا کي غيرت جي نالي تي ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪرڻ جو ڍونگ رچائڻ لاءِ پرويز وساڻ تي دٻاءُ وڌيو پيو وڃي، امڪان اهو ئي ظاهر ڪيو پيو وڃي ته بااثر ماڻهو نينگري جي والد تي دٻاءُ ۽ ڌمڪيون ڏئي ان ڳالهه تي راضي ڪندا ته سندس ڌيءُ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿي آهي.

ان سلسلي ۾ شاگردياڻي رمشا جي امڙ مسمات رشيده وساڻ اسپتال ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته، ذوالفقار وساڻ سوڌو 5 هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي رمشا کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ذوالفقار وساڻ جي ماڻهن اڳ ۾ به منهنجي ڌيءُ کي اغوا ڪيو هو. اسان رمشا جي اغوا ٿيڻ وقت به پ پ اڳواڻ منظور وساڻ ۽ خاص معاون نواب وساڻ کي دانهن ڏني هئي پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو هو. ظالمن هاڻي گهر م داخل ٿي رمشا کي قتل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جوابدار ذوالفقار وساڻ بااثر آهي. تنهن ڪري پوليس سوڌو ڪير به سندس خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي. رمشا جي قتل جون خبرون ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد ڪنب پوليس به جاڳي پئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪنب ٿاڻي جي ايس ايڇ او رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته، سب انسپيڪٽر منظور شيخ جي فرياد تي ناري رمشا جو قتل ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، قتل ڪيس ۾ ذوالفقار وساڻ سميت 4 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ اغوا ۽ قتل جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ پير گڊو ۾16ورهين جي ناري رمشا وساڻ جو سندس گهر مان لاش هٿ ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو هو.

نينگري رمشا جي امڙ ڇا ٿي چئي، سنڌسماءَچار ويب چئنل تي مڪمل  وڊيو ڏسي سگهجي ٿي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *