Friday , March 29 2024

ڪمند جو اگهه 30 نومبر کان اڳ مقرر ڪري شگر ملز چالو ڪيون وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جي آبادگارن جون رهتون ادا ڪرڻ لاءِ 7 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته، ڪمند جو اگهه 30 نومبر کان اڳ مقرر ڪري 30 هين نومبر تي شگرملز چالو ڪيون وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ٻه رڪني بينچ ڪمند جي آبادگارن جي رهتن جي ادائيگي نه ٿيڻ ۽ اگهه مقرر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواست جي شنوائي دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريلڪچر، ڪين ڪمشنر سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا. زراعت کاتي جي عملدارن پاران ڪمند جي آبادگارن کي رهتون ادا ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪو سوال ڪيو وڃي، رڳو ان جو جواب ڏيو، هيءَ ماڻهو بنا سبب جي عدالت چا چڪر ناهن ڪاٽيندا. جسٽس محمد علي مظهر زراعت کاتي جي سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته؛ سيڪرٽري صاحب! اوهان جو ڪين ڪمشنر ڪم جو ناهي، هن کي ته معاملن جي يا ڄاڻ نه آهي يا عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪين ڪمشنر جو شگر ملز ۽ آبادگارن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ وارو ڪردار هوندو آهي، پر لڳي ٿو ائين نه ٿي رهيو آهي. عدالت ڪمشنر ڪين جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ سنڌ آبادگار الائينس، سنڌ چيمبر آف ايگريلڪچر سميت پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن جا نمائندا شريڪ هوندا. عدالتي حڪم تي جوڙيل ڪميٽي آبادگارن جون درخواستون اڪلائي 45 ڏينهن اندر آگاهه ڪرڻ جي پابند هوندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو آهي ته، ڪمند جا اگهه 30 نومبر کان اڳ ۾ تائين مقرر ڪيا وڃن. عدالت حڪم ڏنو ته، سنڌ حڪومت 30 نومبر تي شگر ملز هلائڻ چالو ڪيون وڃن. ٻڌڻي دوران ڀريا واسي درخواستگذار مُريد علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته 30 نومبر تي شگر ملون هلڻ گهرجن، حڪومت ملز مالڪن کي ان لاءِ پابند ڪيو وڃي. جنهن تي سيڪريٽري زراعت عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نئين حڪومت اڃا تائين ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ شگر ڪين بورڊ نه جوڙي سگهيا آهيون، ان ۾ ڪجهه وقت لڳي ويندو. جنهن تي عدالت زراعت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته 10 ڏينهن اندر سنڌ شگر ڪين بورڊ جوڙيو وڃي. سنڌ شگر ڪين بورڊ جو چيئرمين زراعت وارو وزير اسماعيل راهو هوندو، جڏهن ته سيڪريٽري زراعت، آبادگار ۽ پاسما جا نمائندا به سنڌ شگر ڪين بورڊ جا ميمبر هوندا.

نيب ڪراچي جي اڳوڻي ڪمشنر ۽ ائڊمنسٽريٽر سوڌو 15 بيوروڪيٽس خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *