Friday , March 29 2024

ڪلمو پڙهي چوان ٿو مون ڪرپشن ناهي ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

لنڊن(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪلمو پاڪ پڙهي چيو آهي ته هن ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي، لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته، جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سندس خلاف لڳايل الزامن بابت نه ته پڇيو ويو ۽ نه وري پنهنجي دفاع ۾ ڪجهه چوڻ جو موقعو ڏنيو ويو، سپريم ڪورٽ وري نظرثاني واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ موقعي تي جذباتي ٿيندي ڪلمه طيبه پڙهي چيو ته هن ڪا به ڪرپشن نه ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، پاڪستان ۾ جمهوريت سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. خراب حالتن ۾ اليڪشن جو ٿيڻ جمهوريت جي ڪاميابي آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ ٿيل اليڪشن تي سڀني جون آڱريون کڄيون آهن. بي نامي / جعلي بئنڪ اڪائونٽن تي اوچتو سوموٽو ايڪشن وٺڻ سواليه نشان آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڪوشش آهي ته اهڙو قانون بنايون جيڪو آزادي راءِ جي حق کي محفوظ بڻائي. هن چيو ته مون کي عدالت مان ڪو به نوٽيس ناهي مليو، قانون جي حڪمراني هوندي ته اسان جي عدليه مضبوط ٿيندي. منهنجو ٽرائل پنڊي ۾ ڪرڻو آهي ته نواز شريف جو ٽرائل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته، پيپلز پارٽي سموران ادارن ۽ سياسي پارٽين جو احتساب چاهي ٿي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ پوليٽيڪل انجينئرنگ جو ڪارڊ هلندو آهي، آئون قسم کڻي چوان ٿو ته مون ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي. آئون نيب جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ تيار آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ جي لاءِ برابري جو قانون هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ملڪ ۾ هڪ سال جي اندر ٽي بجيٽ پيش ڪيا ويندا ته ڪيئن سيڙپڪار کي پاڪستان جي معيشت تي اعتماد هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *