Tuesday , March 19 2024

ڪلفٽن ۾ بحريا آءِ-ڪون ٽاورز کي باهه، نقصان بابت ڪير به ٻڌئڻ کان ڪن لاٽار

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار ڀرسان ملڪ رياض جي بحريا آءِ-ڪون ٽاورز ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ بابت فائربرگيڊ سميت ڪو به نقصان بابت ٻڌائڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي. سومر ڏينهن منجهند ڌاري مين ڪلفٽن واري علائقي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي ڀرسان اڏجندڙ بحريا آءِ-ڪون ٽاوزر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو سڙي زخمي ٿي پيا آهن. بحريا آءِ-ڪون ٽاورز ۾ باهه لڳڻ جي فوري طور پوءِ جڏهن سنڌسماءَچار پاران فائربرگيڊ جي عملدارن سان رابطو ڪيو ويو ته، انهن پهريان ته باهه لڳڻ کان ئي ٺپ انڪار ڪيو، پر جڏهن کين ٻڌايو ته، باهه واري واقعي جا سنڌ سماءَ چار وٽ فٽيجز ۽ فوٽُوز  موجود آهن، اوهان انڪار ڇو ڪري رهيا آهيو؟ جنهن کانپوءِ انهن ٻڌايو ته، باهه ٿورڙي هئي، جيڪا وسائي وئي آهي ۽ ڪو به جاني ۽ مالي نقصان ناهي ٿيو. بحريا آءِ-ڪون ٽاورز ۾ باهه واري واقعي بابت ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو سڙي زخمي ٿيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *